سنڌ سرڪار اڌ کان وڌيڪ بجيٽ ڳڙڪائي ويندي، ترقياتي ڪم نه ٿيندا: اپوزيشن

ڪراچي(رپورٽ : خداڏنوشاھ ) سنڌ اسيمبلي ۾ سرڪاري ڌُر چيو آهي ته وفاق سنڌ جا هڪ سئو ارب روپيا ڪٽيا آهن ۽ صوبائي حڪومت صوبي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جڏهن ته مخالف ڌر چيو آهي ته سرڪار اڌ کان وڌيڪ بجيٽ ڳڙڪائي ويندي ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيندا، ڪالھه سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزيرن حڪومتي ايم پي ايز ۽ اپوزيشن جي ميمبرن ڪالهه پنجين ڏينهن به ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث جاري رکندي مسئلن جي نشاندهي سان گڏ تجويزون پيش ڪيون، اجلاس ۾ گورنر سنڌ جي معاملي تي به ايوان ۾ ڳالهيون ٿينديون رهيون، سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد جي صدارت هيٺ شروع ٿيو جتي شروعات ۾ رڳو 7 ميمبر موجود هئا پر پوءِ آهستي آهستي انهن جو انگ وڌيو، صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو ته موجوده سنڌ حڪومت صوبي ۾ روڊن جو ڄار وڇايو آهي ايندڙ بجيٽ ۾ 48 نيون اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن، وزير صنعت جام اڪرام ڌاريجو چيو ته حڪومت هڪ بئلينس بجيٽ پيش ڪئي آهي، سنڌ سان ناانصافيون ٿي رهيون آهن گئس تي پهريون حق سنڌ جو آهي. سائٽ ڪراچي جي روڊن لاءِ 5 ارب رُپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته نوري آباد فيز 3 پڻ شروع ڪيو پيو وڃي، ايم ڪيو ايم جي عبدالوسيم چيو ته موجوده بجيٽ جو 50 سيڪڙو حصو ڪرپشن جي ور چڙهي ويندو غريب جي قسمت تبديل نه ٿيندي، جماعت اسلامي جي محمد فاروق چيو ته لڳي ٿو ته دنيا جي پهرين جنگ ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي تي ٿيندي، پيپلز پارٽي وفاق کان جيڪي مطالبا ڪري ٿي انهن ۾ K-4 لاءِ رقم جو مطالبو ڇو شامل ناهي؟ پيپلز پارٽي جي امداد پتافي چيو ته اپوزيشن حڪومتن جو آئينو آهي پر بدگماني نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ هوندو ته اسان سڀ هونداسين گڏجي سنڌ ۽ پاڪستان بابت سوچي وٺون. اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ چيو ته اسان پاڪستان ٺاهيو ۽ بچايو آهي، گورنر هائوس ۾ قائم مقام گورنر کي روڪڻ اسپيڪر جي ڪرسيءَ جي بيعزتي آهي، گورنر کي سمجهايو وڃي ته هو آئين تي هلي ۽ سنڌ اسيمبليءَ کان معافي وٺي،پ پ اڳواڻ نثار احمد کوڙو چيو ته قائم مقام گورنر اويس قادر شاهه ٻڌايو ته کيس گورنر هائوس وڃڻ نه پيو ڏنو وڃي. ملڪ ۽ اسيمبلي آئين تي هلن ٿا گورنر هائوس ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهي پر لڳي ٿو ته گورنر پاڻ ئي قبضا خور بڻجي ويو آهي. گورنر هائوس جي ڀت تي ”ڪامران ٽسوري مهاجر“ لکيل آهي اها پارٽي جي ترجماني آهي، وفاق اين ايف سي ۾ سنڌ کي 100 ارب گهٽ ڏنا آهن، صوبائي وزير محمد بخش مهر پنهنجي زراعت واري کاتي جي ڪارڪردگي بيان ڪئي، پارلياماني معاملن جي وزير ضياالحسن لنجار چيو ته اسپيڪر اويس قادر شاهه 22 ڏينهن کان قائم مقام گورنر آهي پر گورنر هائوس ۾ ويهي ڪم نه پيو ڪرڻ ڏنو وڃي، ٽسوري آفيسن جا تالا هڻي چاٻيون پاڻ سان سعودي عرب کڻي ويو. اسپيڪر کي مجبور ٿي عدالت وڃڻو پيو، وزير اعلى عدالت جي حڪم مطابق ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري، ايم ڪيو ايم جي طحه احمد چيو ته اهو مسئلو غلط فهمي جو نتيجو آهي ان کي اجايو اجاگر نه ڪيو وڃي، اسان به گورنر جي عهدي جو احترام ڪريون ٿا، پيپلز پارٽي جي آصف خان چيو ته پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ ايترو مينڊيٽ مليو آهي جو اپوزيشن بينچز تي ويهڻو پيو ڇاڪاڻ ته حڪومتي بينچز تي جاءِ ناهي بچي، صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو ته سنڌ جي ريونيو ۾ 12 سيڪڙو واڌ ٿي آهي جيڪا خدمت پيپلز پارٽي ڪراچي لاءِ ڪئي اها ڪنهن ٻي نه ڪئي، پي ٽي آءِ جي شبير قريشي به بجيٽ تي پنهنجا خيال ظاهر ڪيا. بعد ۾ اجلاس ڇنڇر تائين ملتوي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.