سنڌ اندر ايتري ته بدامني وڌيل آهي جو جيڪڏهن رڳو بدامني جي واقعن کي ئي هتي لکڻ ويهون ته تڏهن به ايڊيٽوريل جو هي حصو کُٽي پوندو هونئن ته سڄي سنڌ اندر بدامني جو راڄ آهي پر اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو زور تمام گهڻو آهي. جڏهن ته ڏکڻ سنڌ ۾ وري موبائل ڦورن جو راڄ آهي، بدامني جا تازا ڪجهه واقعا مثال طور لکجن ته رپورٽ آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي مزار تي گهمڻ ويل قمبر واسي نوجوان ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويا آهن ۽ هاڻي ڌاڙيل نوجوانن جي وارثن کان 70 لک روپيا ڀُنگ طلب ڪري رهيا آهن. ڳڙهي ياسين ۾ موٽر سائيڪل سوار ڦر تي مزاحمت ڪئي ته کيس گوليون هڻي ماريو ويو. واقعي جو ڪو ڪيس به داخل نه ٿيو. ڪنڌڪوٽ ۾ ٽيون ڏينهن چار ڦرلٽ جا واقعا ريڪارڊ ٿيا. شڪارپور ضلعي مان اغوا ٿيل 9 رهواسي اڃان بازياب نه ٿيا آهن. غوث پور ۽ ڀرپاسي ۾ هڪ ئي ڏينهن شهرين کان ڊاٽسن ڪار ۽ موٽر سائيڪلون ڦرجي ويون. اهي مٿيان ڪجهه واقعا ته صرف مثال طور ڏنا آهن جڏهن ته سڄي سنڌ اهڙن واقعن کان ڀري پئي آهي. اغوا ڦرن کان علاوه قتل غارت پڻ روز جو معمول آهي.
مطلب ته بدامني ئي بدامني آهي ۽ اها بدامني ڌاڙيلن ۽ موبائل ڦورن جو راڄ سنڌ جي ان صوبي ۾ آهي جتي گذريل 15 سالن کان پ پ جي يعني هڪ ئي حڪمران جماعت جي حڪومت آهي پر اها ڪيڏي نه حيرت ۽ افسوس ۽ جي ڳالهه آهي ته 15 سالن کان قائم حڪومت بدامني کي 15 سالن کان ختم نه ڪري سگهي آهي. جڏهن ته اصولي طور تي انهن پندرنهن سالن ۾ سندن حڪومتي نيٽ ورڪ ته اهڙو سگهارو ٿي وڃي ها جو ڏوهارين ۽ ڦورن جو جيڪر وجود ئي نه رهي پر پر نظر ان جي ابتڙ پيو اچي. حڪومت بدران ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين، ڦورن، قاتلن مافيائن ۽ هر قسم جي بدي جي طاقتن جو ئي نيٽ ورڪ مضبوط کان مضبوط ۽ طاقتور ٿيندي نظر آيو آهي ڄڻ گذريل پندرنهن سالن کان پ پ جي نه پر سنڌ ۾ ڌاڙيلن، ڦورن ۽ چورن جي حڪومت هجي جيڪي جڏهن ۽ جتي چاهين ڪا به ننڍي وڏي واردات ڪري سگهن ٿا. ان جو سنئون سڌو مطلب اهو ٿو نڪري ته پ پ حڪومت عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ ۾ مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي. جڏهن ته حيرت انگريز طور تي وري به مسلم ليگ (ن) جي حڪومتن ۾ سنڌ جي بدامني کي ٻنجو ايندي ڏٺو ويو آهي. سنڌ اندر ڌاڙيلن خلاف مضبوط آپريشن به مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ ٿيو هو ۽ 2013 ۾ ملڪي سطح تي دهشت گردي بدامني ۽ هر قسم جي ڏوهن خلا ف جيڪو فوجي آپريشن ٿيو هو سو به نواز شريف جي وفاقي حڪومت ۾ ٿيو هو جنهن کي اسان ملڪي تاريخ جو ڪامياب ترين ۽ فيصلائتو آپريشن قرار ڏيون ٿا جنهن کانپوءِ ملڪ اندر مثالي امن قائم ٿيو هو. 2013 ۾ ٿيل آپريشن ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته حڪومت سان ڪابه دهشت گردن، ڏوهارين جي تنظيم يا ڌاڙيل مقابلو نٿا ڪري سگهن ۽ حڪومتي نيٽ ورڪ کان وڌيڪ ڪنهن جو به نيٽ ورڪ طاقتور نه ٿو ٿي سگهي.
جيڪڏهن ڪا به حڪومت ڌاڙيلن، ڏوهارين ۽ ڦورن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻ چاهي ته ان ۾ ڌاڙيلن، ڦورن ۽ هر قسم جي ڏوهارين جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ پ پ حڪومت لاءِ ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي راڄ ۽ سندن نيٽ ورڪ کي تباهه ڪرڻ ڇو ايڏو ڏکيو بڻيل آهي ۽ اها 15 سالن کان حڪومت ۾ رهڻ باوجود بدامني کي ڇو ختم ناهي ڪري سگهي، ڇا ها سنڌ اندر بدامني جو خاتمو نه ٿي چاهي يا اها ان جي نااهليت ۽ ناڪامي آهي جو اها پنهنجي حڪومت ۾ ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي راڄ کي ختم نه ڪري سگهي آهي. بظاهر ته ائين ئي نظر ٿو اچي ته پ پ جي سنڌ حڪومت بدامني کي ختم ڪرڻ ئي نه ٿي چاهي جيڪڏهن اها بدامني جي خاتمي ۾ سنجيده هجي ها ته پندرنهن سالن جو حڪومتي عرصو ڪو ٿورو ناهي. ايڏي عرصي ۾ حڪومت جو ڏوهارين تي مڪمل ڪنٽرول ٿيڻ کپندو هو جيڪو ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
سوال اهي ٿا پيدا ٿين ته آخر حڪومت بدامني جو خاتمو ڇو نه ٿي چاهي آخر اها عوام کي ڪهڙي ۽ ڇا جي سزا ڏيڻ چاهي ٿي جڏهن ته سنڌ جي عوام هميشه پ پ کي ئي ووٽ ڏنو آهي جنهن جو مطلب اهو ٿو نڪري ته سنڌ جي عوام کان ڪو انتقام وٺڻ جو به جواز ناهي، جيڪڏهن پ پ حڪومت کان سنڌ جي بدامني ڪنٽرول ۾ نه ٿي اچي ته اها وفاقي حڪومت جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) شامل آهي تنهن کان به مدد وٺي سگهجي ٿي. جيڪڏهن ان لاءِ اهو به ممڪن ناهي ته پوءِ پ پ جي سنڌ حڪومت کي اوليتي بنياد تي هن معاملي کي ڏسڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ پنهنجي حڪومتي رٽ تي سختي سان ڌيان ڏيڻو پوندو. گڊ گورننس قائم ڪرڻي پوندي ته پاڻ کي ملڪ جي بهترين ۽ مثالي حڪومت ڪري ڏيکارڻي پوندي ۽ پاڻ کي ملڪ جي ٻين صوبن جي عوام ۾ به اتساهه پيدا ٿئي ته پ پ کي وفاقي حڪومت لاءِ ووٽ ڏجي جو ان سنڌ ۾ گڊ گورننس جو شاندار مظاهرو ڪري ڏيکاريو آهي پر جيڪڏهن پ پ جي سنڌ حڪومت گڊ گورننس تي ڌيان نه ڏنو ۽ بدامني کي ختم ڪري مثالي امن قائم ڪري نه ڏيکاريو ته پوءِ ملڪ جي ٻين صوبن جو عوام کين ڪيئن ملڪ ۾ حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏيندو پر جيڪڏهن پ پ کي اها لالچ نه به هجي تڏهن به عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪرڻ سندس اولين ڊيوٽي آهي ٻي صورت ۾ کيس حڪومت سڏائڻ جو ڪو حق ناهي.