اسرائيل – ايران جنگ ۾ آمريڪا جو ڪردار

تحرير: عاطف ملاح

نيوڪليئر معاهدي ۾ ايران کي گوڏن ڀر ڪيرائڻ خاطر آمريڪي صدر ٽرمپ اسرائيل جي ايران مٿان حملن ۾ اسرائيل جي هر طرح جي مدد ڪئي آهي. اسرائيل طرفان ايران مٿان هن وقت شديد حملا ڪيا ويا آهن، جيڪو عمل هڪ وڏي جنگ جو سبب ٿي سگهي ٿو. هن سموري معاملي ۾ ٽرمپ انتظاميا اسرائيل جي پاسي ۽ حمايت ۾  بيٺل آهن. آمريڪا نه صرف جديد جنگي هٿيارن وسيلي اسرائيل جي مدد ڪئي آهي بلڪه هن اسرائيل کي جاسوسي مدد پڻ ڏني جيئن اسرائيل ايران جي فوجي سربراهن کي قتل ڪري سگهي. ٽرمپ هڪ طرف نيوڪليئر معاهدو اڪيلي طور تي معطل ڪري ايران کي معاهدي لاءِ ڳالهين ۾ مصروف رکيو ته ٻئي طرف اسرائيل کي هُشي ڏئي ايران مٿان حملي آور ڪيو.

ٽرمپ نيويارڪ ٽائيمز سان ڳالهائيندي چيو ته ” اسان سڀ ڄاڻون ٿا، مون کي اسرائيل طرفان ايران مٿان ٿيندڙ حملي جي تاريخ جي به خبر هئي.“ اسرائيل جي ايران مٿان حملي جي فورن بعد ٽرمپ چيو ته ” مون ايران کي معاهدي لاءِ اسان جي شرطن تي اچڻ لاءِ 60 ڏينهن جي مهلت ڏني هئي ۽ 61 ڏينهن اسان جو هيو ۽ اهو 61 هون ڏينهن اڄ آهي“ يعني هن جو ان ڏينهن طرف اشارو هيو جنهن ڏينهن اسرائيل ايران مٿان حملو ڪيو.

اسرائيل 700 کان 750 جي وچ ۾ حملا ڪري چڪو آهي جڏهن ته ايران 350 جي قريب حملا ڪيا آهن. اهي حملا ميزائيل ۽ ڊرون وسيلي ايئر فورس اٽيڪ ڪيا ويا آهن. ايران جا اهي حملا وڏي تعداد ۾ اسرائيل جي قبضي ڪيل علائقي ۾ ڪيا ويا آهن، هڪ اڌ ويسٽ بينڪ ۽ ڪجهه عرب علائقن ۾ ڪريا آهن باقي تل ابيب، هيفه ۽ سامونڊي علائقن ۾ ڪريا آهن. جيڪي علائقا زائونسٽ جا وڏا وڏا شهر آهن. اسرائيل جي يهودي آبادي کي ڇڏي باقي ڪافي علائقن جو دفاعي نظام ٻين علاقن جي نسبت سان ڪمزور آهي، ايران جا ميزائيل گهڻو ڪري انهن علائقن ۾ ئي ڪريا آهن. اسرائيل جي ايران مٿان ڪيل حملن ۾ هن وقت تائين مختلف خيال سامهون اچي رهيا آهن ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اهي حملا ڇاڪاڻ ته ايران جي سختگير خامنه اي ريجيم کي تبديل ڪندا ۽ ان جي جڳهه تي ڪا ٻي حڪومت ٺهندي جيڪا هنن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر هوندي ان ڪري هو اسرائيل ۽ آمريڪا جي ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جي هر پاليسي کي به جيئن جو تيئن قبول ڪري رهيا آهن جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ايران ۾ ڪنهن به حڪومتي تبديلي جو ايراني عوام  کي حق آهي نه ڪي اسرائيل، آمريڪا يا ڪنهن به اولهه جي سامراجي ملڪ کي. ايران ۾ جيڪڏهن سختگير حڪمران آهن ته انهن جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ اتان جي عوام کي اٿڻو آهي پر ان جي آڙ وٺي اسرائيل جي حملن کي ڪڏهن به جسٽيفائي نٿو ڪري سگهجي، ان خيال جو اظهار خود ايران جي ڪميونسٽ پارٽي طودا پارٽي جيڪا ايران جي موجوده سرڪار جي ظلمن جو شڪار پڻ آهي، ايران جي انتهاپسند حڪمرانن ڳولي ڳولي طودا پارٽي جي ڪميونسٽن کي قتل ڪرايو، انهن مٿان غيرانساني تشدد ڪيو پر تنهن هوندي به طودا پارٽي جي ڪميونسٽن ۽ ايران جي عوام ايراني سرڪار جي ظلمن کان نجات آڙ ۾ِ آمريڪي سامراج جي حملن، خونيرزي، ظلم ۽ بربريت کي کي رد ڪيو ۽ پنهنجي هڪ جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ته .”اسان اسرائيلي جنگي جارحيت جي مذمت ڪيون ٿا ۽ ايران مٿان اسرائيلي حملا مذمت جوڳا آهن، ايران ۾ سامراجي مداخلت قبول ناهي.“ ان ڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته آمريڪا جنهن جو ڌنڌو ئي دنيا ۾ جنگيون ڪرائڻ ۽ ملڪن جي ملڪن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ آهي.

. هن سموري معاملي ۾ ٽرمپ انتظاميا اسرائيل جي پاسي ۽ حمايت ۾  بيٺل آهن. آمريڪا نه صرف جديد جنگي هٿيارن وسيلي اسرائيل جي مدد ڪئي آهي بلڪه هن اسرائيل کي جاسوسي مدد پڻ ڏني جيئن اسرائيل ايران جي فوجي سربراهن کي قتل ڪري سگهي. ٽرمپ هڪ طرف نيوڪليئر معاهدو اڪيلي طور تي معطل ڪري ايران کي معاهدي لاءِ ڳالهين ۾ مصروف رکيو ته ٻئي طرف اسرائيل کي هُشي ڏئي ايران مٿان حملي آور ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.