ايران اسرائيل ويڙهه ۾ آمريڪا جي شموليت نه کُٽندڙ جنگ جي شروعات ھوندي

تحرير: زاهد حسين

هي هڪ اهڙي جنگ آهي جنهن جي رٿابندي  اسرائيل سالن کان ڪري رهيو ھو. ٽرمپ انتظاميه طرفان  کان گرين سگنل  ملڻ کان پوءِ، صهيوني رياست 13 جون جمعي واري ڏينھن تي ايران جي ايٽمي ۽ فوجي ٺڪاڻن تي ڪيترائي حملا ڪيا.ايران ناحق جارحيت جو سخت جواب ڏنو، جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار هڪ مڪمل  جنگ ۾ بدلجي ويو آهي جيڪو سڄي علائقي يا ان کان ٻاهر پکڙجي سگهي ٿو. اسرائيل جي مدد لاءِ آمريڪا جي سڌي طرح جنگ ۾ شموليت واري  امڪان صورتحال کي وڌيڪ غير مستحڪم ڪري ڇڏيو آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران سوشل ميڊيا تي ‘ شهرين کي فوري طور تي تھران خالي ڪرڻ ‘ جي ڌمڪي کان پوءِ آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ بابت شڪ بلڪل واضح ٿي ويا آهن. هڪ صدر جيڪو جنگ مخالف هجڻ جو دعويٰ ڪري رهيو هو، آمريڪا کي هڪ ٻي تباهي واري فوجي ايڊونچر ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي جيڪو دنيا کي وڌيڪ افراتفري ۾ ڌڪي ڇڏيندو.ٽرمپ  گھڻو اڳ  ئي پنھنجي پوزيشن  واضح ڪري ڇڏي ھئي ته هو آمريڪا کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي جنگ ۾ نه ڇڪيندو. پر هاڻي آمريڪا هڪ اهڙي تڪرار ۾ شامل ٿي رهيو آهي جنهن جو نتيجو اهو طئي نٿو ڪري سگهي.ڪجهه ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيلي اڳواڻن جي دٻاءُ هيٺ، واشنگٽن صهيوني رياست کي 13 ھزار

 600  ڪلوگرام "بنڪر بسٽنگ بم” مُهيا ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو. ان سان اسرائيل کي زمين جي اندر  ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پر ان سان  ايران کي  جھڪائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي پنهنجي گهربل مقصد ۾ اھو ڪامياب نھ ٿيندو. ان جي بدران، اهڙي  طرح جي قدم سان ايٽمي معاهدي تي ممڪن ڳالهين جا سڀ امڪان ختم ٿي ويندا جنهن بابت آمريڪي صدر جي دعويٰ هئي ته هو دلچسپي رکي ٿو.

سومر جي ڏينھن   هن هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ته "مون کي لڳي ٿو ته ايران بنيادي طور تي ڳالهين جي ميز تي آهي، اهو معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو .”تعليمي ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي اڳواڻي  آفيسر ولي نصر  چيو تھ اھا "جنگي سفارتڪاري”  آھي. بهرحال، ڪو به اھڙو  اشارو موجود  ناهي جنھن مان لڳي  ته ايران جنگ جي پاڇي هيٺ ايٽمي امن معاهدي تي راضي ٿيندو. حقيقت ۾  اسرائيل جي تازي  حملن ايران ۽ ٽرمپ انتظاميه جي وچ ۾ جاري ايٽمي ڳالهين کي پٺ تي ڌڪي ڇڏيو آهي. ڳالهين جي ايندڙ دور بابت ٻنھي وفدن وچ ۾  عمان ۾ ڳالھيون طيھ ھيون نھ رڳو ايترو پر  ڳالهين جي پوئين دور ۾ ڪجهه اڳڀرائي بھ ٿي  هئي.

 ڳالهين لاءِ طئي ٿيل شيڊول  کان ڪجهه ڏينهن اڳ،  اسرائيل جي ايران تي حملي ،ڳالهين جي عمل کي سبوتاج ڪيو. 2018 کان پوءِ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اهي پهريون اعليٰ سطحي ڳالهيون هيون. انھيءَ  سال  ڊونلڊ ٽرمپ، پنهنجي پهرين عهدي واري دور ۾ “”بھتر ڊيل“ جو واعدو ڪندي، 2015 جي ايٽمي معاهدي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو. هڪ طرف، ايراني وفد جي اڳواڻي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ڪري رهيو هو، جڏهن ته آمريڪا جي نمائندگي ٽرمپ جو ايلچي  اسٽيو ويٽڪوف ڪري رهيو هو. ھي حقيقت ته ٻنهي ڌرين  ٻيهر ڳالھين  تي اتفاق ڪيو آھي، ٻنهي پاسن جي سنجيدگي کي ظاهر ڪري ٿي.پر اسرائيل ڪڏهن به ايٽمي ڳالهين جي حق ۾ نه ھو. جيڪو  ڊگهي عرصي کان ايران جي ايٽمي سهولتن کي تباهه ڪرڻ لاءِ آمريڪا تي  فوجي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجھندو رھيو. جيتوڻيڪ ايران جي ايٽمي سرگرمين تي بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) پاران سخت نظر رھي آھي. اهو ئي سبب آهي ته اسرائيل 2015 جي معاهدي جي مخالفت ڪئي، جنهن کي سرڪاري طور تي گڏيل جامع پلان آف ايڪشن جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ان معاهدي تي ايران ۽ ڇهن عالمي طاقتن ، آمريڪا، روس، جرمني، چين، برطانيه ۽ فرانس پاران دستخط ڪيا ويا هئا.

ٽرمپ جي پهرين صدارت دوران معاهدي جي منسوخي پيچيده مسئلي جي ڪنهن به پرامن حل لاءِ هڪ سنگين ڌڪ هو. ايران بار بار ايٽمي طاقت بڻجڻ جي پنهنجي ارادي جي ترديد ڪئي  آهي. اسرائيل  طرفان ھڪ اھڙي وقت ۾  ايران تي حملو ڪرڻ  سوچيل سجھيل قدم ھوندو،جڏهن لبنان ۽ شام ۾ پنهنجن اتحادين کي وڃائڻ کان پوءِ اسلامي جمهوريه  ايران ڪمزور نظر اچي رهيو ھو. جيتوڻيڪ واشنگٽن پاڻ کي اسرائيل جي فوجي ڪارروائي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي،بھرحال  پرڏيھي وزير اعتراف ڪيو آھي  ته انتظاميه کي حملي جي اڳواٽ ڄاڻ هئي.

اولھھ  ملڪن ايران جي ايٽمي هٿيارن جي پروگرام کي ختم ڪرڻ لاءِ احتياطي  قدم طور اسرائيلي جارحيت جي حمايت ڪئي آهي. اها ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي ته اولھھ  اتحادي، جيڪي اڪثر ڳالھين  تي اختلاف رکن ٿا، اسرائيل جي غير قانوني جنگ ۾ گڏ ٿي ويا. هڪ گڏيل بيان ۾، ڪينيڊا ۾ G7 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ  اڳواڻن "اسرائيل جي سلامتي” لاءِ پنهنجي حمايت کي ٻيهر ورجايو ۽ ايران کي "علائقائي عدم استحڪام ۽ دهشتگردي جو هڪ وڏو ذريعو” قرار ڏنو.هن قدم اولھھ  جي منافقت ۽ ٻٽي معيار کي وائکو  ڪيو. هڪ طرف، اهي ملڪ ايران خلاف اسرائيلي جارحيت جي حمايت ڪن ٿا، جڏهن ته ٻئي طرف، اهي غزه ۾ جاري صهيوني رياست جي نسل ڪشي جي به مذمت ڪري رھيا آھن.

ٽرمپ انتظاميا هاڻي جنگ ڏانھن راغب ٿي چڪي ۾ آهي. آمريڪي سرپرستي ۾ اسرائيل پنهنجا حملا شهري آبادي تائين وڌائي ڇڏيا آهن، جنهن ۾ سوين ايراني شھيد ٿي چڪا آهن. ڪجهه رپورٽن موجب، اسرائيل ايراني سپريم ليڊر کي قتل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ٻئي ملڪ گذريل ڪئين ڏهاڪن کان ڇڪتاڻ ۾ آهن پر اڃان تائين انھن ۾  ڪڏهن به مڪمل جنگ  نه ٿي ھئي.اهو يقيني آھي تھ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ھي  اڄ تائين جو سڀ کان وڌيڪ  ٽڪراءُ آهي. جنگ جي گذريل ڪجهه ڏينهن ۾، ايران اسرائيل ۾ سوين بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪري پنهنجي فوجي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي، جنھن ۾ عمارتن کي نقصان پهتو آهي ۽ عام شهري بھ مارجي ويا آهن.

ماض ۾ ٿيندڙ  ڪنهن بھ جنگ ۾ اسرائيل کي پنھنجي گهر ۾ اھڙي نوعيت جي نقصان کي منھن نھ ڏيڻو پيو آھي. اسرائيل جي هوائي ۽ سائبر حملن ايران جي فوجي صلاحيتن کي ڪجهه حد تائين مفلوج ڪيو آھي، پر ايران اڃا تائين ھڪ ڊگهي مدت جي جنگ وڙهڻ جو متحمل ٿي سگهي ٿو. پنهنجي فوجي برتري جي باوجود، اسرائيل اڃا تائين پنهنجو اصل مقصد حاصل نه ڪري سگھيو  آهي، جيڪو ايران جي جوھري  ڊيلوپمينٽ  پروگرام کي غير فعال ڪرڻ آهي.

ٻئي طرف، ايراني ايٽمي سهولتن تي اسرائيلي حملن ايٽمي آلودگي جي خطري بابت خدشا پيدا ٿيا آهن. IAEA جي سربراهه  رافيل گروسي ايران ۾ تباهه ٿيل ايٽمي سهولتن مان تابڪاري ۽ ڪيميائي آلودگي جي امڪان بابت خبردار ڪيو آهي.هي جنگ وچ اوڀر جي سياسي نقشي کي تبديل ڪري ڇڏيندي، پر نتيجو آمريڪا جي خواھش جي مطابق نه هوندو. هي اھو سبق آهي جيڪو  وچ اوڀر ۾ وڙھيل  پنهنجي ماضي جي جنگين جي باوجود آمريڪا  نه سکيو آهي. جيڪڏهن آمريڪا سڌو سنئون شامل  ٿئي ٿو ۽ ايران ۾ پنهنجي فوج لاھي ٿو ته خطو وڌيڪ غير مستحڪم  ٿي ويندو. تهران اڳ ۾ ئي تڪرار ۾ آمريڪي شموليت جي خلاف خبردار ڪري چڪو آهي ۽ خطي ۾ آمريڪي مفادن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي. هي هڪ لامحدود جنگ جي شروعات آهي جنهن جا عالمي سلامتي تي ڏور رس اثر  پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.