گداگري ۾ واڌ: معاشري جو ناسور

تحرير: غلام حسين جوڻو

ان صورتحال ۾، سنڌ ۾ گداگري ۾ وڏو اضافو ٿي رهيو آهي. ماڻهو پنڻ تي مجبور آهن. ڪيترن ماڻهن کي روزگار نه ملڻ ڪري ۽ ڌنڌو ڌاڙي نه هئڻ ڪري فقيري روپ اختيار ڪيو اٿن ۽ هو پنندا رهن ٿا. ڪيترائي ماڻهو ڏانڊا مٽا، ٿلها ٿنڀرا ۽ چاڪ و چوبند ماڻهو فقيراڻو لباس پائي، مٿي تي قلندري ٽوپي، وڏا جُبا، ڪولابا، آڱرين ۾ منڊيون، ڳچي ۾ مختلف قسمن جا هار پاتل، وار وڏا جيڪي مٽيءَ سان ڀريل مطلب ته عجيب نمونو ڪيو پنندا رهن ٿا ۽ هر هڪ ماڻهو جي آڏو صدائون هڻندا وتن ته “ڏيئي وڃ بنده الله جي نالي تي” اهڙي اداڪاري ڪرڻ سان هو، روزانه ڪيترائي پئسا ڪمائين ٿا. کين مفت ۾ پئسا ملندا رهن ٿا. جنهن ڪري هو، ڪمائڻ کان لنوائيندا آهن. مفت ۾ پئسا ملڻ جي ڪري، فقيرن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هاڻ هر شهر ۽ ڳوٺ جي گھٽين، چوڪن، روڊن، رستن، پارڪن، اسپتالن، بس اسٽاپن، مارڪيٽن ۽ ماڻهن جي اچ وڃ جي هنڌن تي پينو فقير ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. ڪي پينو فقير وري ڍارا هڻي، ڦيڻا ڪري ۽ تعويذ ڏيئي ماڻهن کي بيوقوف بنائي، انهن کان پئسا ڦريندا وتن ۽ خوب پئسو ڪمائي رهيا آهن. هن وقت فقيرن به پنهنجون حدون ورهائي ڇڏيون آهن. سڀ ڪو پنهنجي حد ۾ رهي پنندو رهي ٿو. ٻئي جي حد ۾ ڪنهن به فقير کي وڃڻ جي اجازت ڪونه آهي. فقيرن جا به چڱا مڙس آهن. جيڪي فقيرن کي حدون ورهائي پنڻ جا ٺيڪا ڏين ٿا يا جيڪو ڪمايو ويندو ان مان چڱي مڙس جو حصو پتي به ڪڍيو وڃي ٿو ۽ ان وٽ جمع ڪرايو وڃي ٿو. اڳي ائين ڪونه هوندو هو. پر، هاڻ اهو سلسلو اڪثر هنڌن، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هلندڙ آهي. ٻئي طرف ٽرانسجينڊر، ٻين لفظن ۾ کسرا يا کدڙا فقير به پنڻ ۾ وڏي مهارت رکن ٿا. اهي به تاڙيون وڄايو خير وٺيو وڃن ٿا ۽ خوب پئسا ڪمائي رهيا آهن. هنن جو پنڻ جو طريقه ڪار مٿئين ڄاڻايل فقيرن کان ٿورو مختلف آهي گھڻا تڻا کدڙا فقير مزاحيه به هوندا آهن. جيڪي کل ڀوڳ ڪري به ماڻهن کان خيرات وٺندا رهن ٿا ۽ ڪي فقير معذور به آهن. جيڪي پني پنهنجو پيٽ قوت ڪندا رهندا آهن. اهي خير وٺڻ جا حقدار به آهن. اهڙن فقيرن جي انساني بنيادن تي همدردي ۽ مدد ڪرڻ گھرجي. جنهن لاءِ اخلاقي ۽ شرعي حڪم به آهي. پر، مٿئين طبقن جي فقيرن جي ڪري معذور فقيرن جي حق تلفي ٿي رهي آهي.

آئون هتي اهو به ذڪر ڪندو هلان ته، ڪيترائي فقير شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پنڻ جي آڙ ۾ جاسوسي به ڪندا آهن. هر، شي جو جائزو وٺي پوءِ ڏوهاري ڌرين کي سڄي حقيقت کان آگاهه ڪندا رهن ٿا. نتيجي ۾ اهي ڏوهاري چورين، ڌاڙن، اغوائن ۽ قتلن جون وارداتون ڪن ٿا. جنهن ڪري سنڌ جو امن و امان خراب ٿيندو پيو وڃي. حالتون بگڙجنديون پيون وڃن. خاص ڪري عورتون پنڻ جي مقصد سان گھرن ۾ وينديون رهنديون آهن. خيرات به وٺنديون آهن ۽ مڪمل طرح جاسوسي به ڪنديون رهن ٿيون. ڪجهه معومات گھرجي عورتن کان پڇي به وٺن ٿيون. اها به هڪ حقيقت آهي ته هن وقت پنڻ واري ڌنڌي ۾ مردن کان وڌيڪ عورتون شامل ٿي ويون آهن. تنهن کان علاوه ننڍا ٻار به اهو ڪم ڪندا رهندا آهن. انهن کي به پنڻ جي سکيا ڏني پئي وڃي. جن کي ننڍي عمر ۾ اهڙي ترتيب ۽ ٽريننگ ملندي ته وڏي هوندي انهن کان ٻيو ڪوبه ڪم ڪونه ٿيندو. هو، پنندا ئي رهندا. جنهن ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ پينو فقيرن جي تعداد ۾ تمام گھڻي واڌ ٿيندي. جنهن جا معاشري تي ناڪاري، خراب، منفي ۽ برا اثر پوندا. ان خدشي کي هرگز رد ڪري نه ٿو سگھجي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي گھڻگھرن، خيرخواهن، سڄڻن ۽ ساڃاه وندن کي ڏاڍو فڪر آهي. سندن خدشات ۽ تحفظات ڪنهن به صورت ۾ غلط ثابت ٿي نه ٿا سگھن. ڇاڪاڻ ته اهي هن وقت موجوده حالتن کي ڏسي جائزو وٺي مستقبل جي باري ۾ اڳڪٿي ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.