ڪجهه جايون صرف جاگرافيائي نقشي تي ته موجود نه هونديون آهن، پر اهي وقت ۽ تاريخ جي ايوانن ۾ ھڪ گونج ٿين ٿيون۔ انهن ايوانن جون ڀتيون ساهه کڻنديون آھن، سندن آڱڻن ۾ صديون وسنديون آهن ۽ انهن جي خامشيءَ ۾ حقيقت جون صدائون بلند رھن ٿيون۔۷۰ ڪلفٽن به رڳو هڪ عمارت ناهي اها هڪ دور، هڪ سوچ، هڪ فڪر، ۽ سنڌ جي سياسي، تهذيبي، ۽ نظرياتي تاريخ جو زندهه حوالو آهي۔
مان ان لمحي کي ڪيئن بيان ڪريان؟ لفظ مون سان بي وفائي ڪندا پيا لڳن، احساساتي شدت بيان کان اڳتي نڪري وڃي ٿي۔ اهو ساڳيو آڱڻ، اهي ساڳيون ڀتيون، جتي ڪڏهن هڪ شهزادي سوني چمچي سان جنم ورتو هو، اڄ به ساڳي شان ۽ مان سان قائم آهن۔ پر هاڻ هتي سندس وارث جونئير ذوالفقار علي ڀٽو نالي هن دور جو شهزادو رهي ٿو۔جيڪو فقط ورثي جو وارث ناهي، پر علم، عاجزي، ۽ فڪر جو روشن مثال آهي۔ هو پنھنجي ڪٽنب جو رڳو سياسي جانشين نه آهي، بلڪه هڪ درويش صفت نوجوان آهي، جنهن جي گفتگوءَ ۾ ساڳيو سچ آهي، جيڪو ڪڏهن شهيد ڀٽو ۽ شهيد مير مرتضىٰ ڀٽو جي سوچ مان نظر ايندو هو۔ سندس لهجي ۾ فڪر آهي، اکين ۾ وطن سان عشق، ۽ دل ۾ سنڌ جي ماڻهن لاءِ بي مثال محبت۔ هو چوندو آهي، "هي ڌرتي منهنجي ماءُ آهي، مان ان جي چوڪيداريءَ تي فخر محسوس ڪريان ٿو” سندس اھڙي لهجي مان لڳي ٿو ته ڄڻ صديون پراڻي تهذيب وري جيئري ٿي وئي هجي۔هن جي ڳالهين ۾ سنڌو تهذيب جي پنج هزار ساله تاريخ جو رنگ آهي ته هن جي سوچن ۾ سنڌو درياهه جي رواني۔هو سياست کان اڳ سماجيات کي سمجهڻ چاهي ٿو، ۽ سماجي مرضن جي حل لاءِ علم، سوچ ۽ ڊائلاگ تي يقين رکي ٿو۔ روزاني زندگي ۾ هو صبر سان ٻڌي ٿو، فڪر سان ڳالهائي ٿو، ۽ اميدن سان ڏسي ٿو۔ هن جي گفتگوءَ مان لڳو ته هي نوجوان رڳو نالو نه، پر ڪردار ۽ ارادي جو به وارث آهي.
ٻه ڏينهن اڳ جڏهن اسان ۷۰ ڪلفٽن جي سبز لان تي پير رکيا، ته شهيدن جي خوشبو فضا ۾ محسوس ٿي۔ ۽ جڏهن هو اسان کي ڊرائنگ روم ڏانهن وٺي ويو، ته اتي ڀت تي “شملا معاهدي” جي ناياب تصوير لڳل هئي جنهن ۾ شهيد ڀٽو، اندرا گانڌي، بينظير ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ ٻيا وڏا نالا موجود هئا۔ ان تصوير ڄڻ ته وقت کي فريم ۾ بند ڪري بيهاري ڇڏيو هو۔ اُن تصوير کي ڏسي، منهنجي ذهن ۾ هڪ پراڻي ڳالهه تازي ٿي وئي، جيڪا منهنجو والد، مرحوم شهاب الدين منشي، مون کي بار بار ٻڌائيندو هو۔
اهو وقت هو، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو شملا وڃڻ کان اڳ، قوم جي راءِ وٺڻ چاهي، ۽ سنڌ جي چونڊ شاگرد اڳواڻن کي گورنر هائوس، ڪراچي ۾ گهرايو۔ منهنجو والد، ان وقت سچل آرٽس ڪاليج يونين جو جنرل سيڪريٽري هو، پيپلز پارٽي سان نه هئڻ جي باوجود، وطن سان بي انتها محبت رکندو هو۔
ملاقات ۾ ڀٽو صاحب نوجوانن کان پڇيو: "ڇا مان شملا وڃان؟”
ڪمري ۾ سناٽو ڇانئجي ويو، ڄڻ وقت به بيهي ويو هجي۔
تڏهن هڪ نوجوان اٿيو، اکين ۾ اعتماد، لهجي ۾ جرئت:
"ها ، محترم وزيراعظم، اوهان کي شملا ضرور وڃڻ گهرجي، اهو معاهدو قوم جي ضرورت آهي!”….. اهو نوجوان ڪو ٻيو نه، منهنجو والد شهاب الدين منشي هو۔ جيڪو سڄي حياتي ڀٽو جي نظريي جو وفادار رهيو، ۽ پنهنجي رت سان ان وابستگيءَ جي مهر لڳائي هن دنيا مان هليو ويو۔
۷۰ ڪلفٽن سان رشتو فقط اسان جي ٽن نسلن تائين محدود ناهي۔ اهو هڪ فڪري، جذباتي، ۽ روحاني تسلسل آهي، جيڪو قربانين، وفائن، ۽ سچائين سان جڙيل آهي۔ منشي ۽ ڀٽو خاندان جو ناتو هاڻ سياسي نه، پر نظرياتي ۽ اخلاقي آهي۔جونئير ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ڀيڻ فاطمه ڀٽو بابت جنهن محبت، ادب، ۽ احترام سان ڳالهائي ٿو، اهو تاريخ ۾ رڳو چند خانداني ماڻهن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو۔ سندس اکين ۾ ڀيڻ لاءِ محبت جي روشني، ۽ دل ۾ اتحاد جي لهر آهي۔
۷۰ ڪلفٽن ۾ گذاريل اھو مختصر وقت منهنجي لاءِ خزاني کان گهٽ نه هو۔ اهي لمحا، اهي تصويرون، اهي لفظ، ۽ اها تاريخ مون لاءِ هڪ اڻ مٽ تجربو آهي۔مان جونئير ذوالفقار سان ملڻ کان پوءِ يقين سان چئي سگهان ٿو ته ۷۰ ڪلفٽن جو لان وري عوامي خوابن جي ساڀيان ڏيندو، ۽ ان جي ڇانوَ هيٺ جونئير ذوالفقار علي ڀٽو نئين تاريخ لکندو۔ هو اميد آهي هڪ اهڙي اميد، جيڪا سنڌ جي زخمن تي مرهم بڻجي سگهي ٿي۔
هو روشنيءَ جي اُها شمع آهي، جيڪا اونداهن کي سوجھري ۾ بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي۔الله پاڪ فاطمه ڀٽو ۽ جونئير ڀٽو جي حفاظت فرمائي، ڇو ته هاڻ سنڌ وٽ قربانين جي سگهه نه بچي آهي۔هاڻ رت نه، رهبري گهرجي اهڙي رهبري، جيڪا فڪر، اخلاق، ۽ علم سان ڀريل هجي۔۽ اها رهبري اسان کي جونئير ڀٽو ۾ نظر اچي ٿي۔