تهران/تل ابيب/واشنگٽن(م ڊ) اسرائيل ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي جڏهن ته آمريڪا جنگ ۾ شامل ٿيڻ تي غور ڪري رهيو آهي. صدر ٽرمپ ايران کي ٻيهر هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي تنبيهه ڪندي چيو آهي ته ڪير نه ٿو ڄاڻي ته مان ڇا ڪرڻ وارو آهيا يا ڇا نه ڪرڻ وارو آهيان. اسرائيلي فوج تازو حملي ۾ ايران جي راڄڌاني تهران ۾ هلال احمر سوسائٽي جي هيڊڪوارٽر جي ويجهو هڪ عمارت کي بمباري جو نشانو بڻايو آهي. اسرائيل جي بچاءُ واري وزير جو چوڻ آهي ته هنن ايران جي اندرين سلامتي جي هيڊڪوارٽر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. صيهوني فوج جمعي کان وٺي ايران ۾ 1100 کان وڌيڪ هدفن تي حملا ڪرڻ جو دعويٰ ڪري رهي آهي. تهران تي سڄي رات جاري رهندڙ حملن ۾ امام حسين يونيورسٽي، سينٽري فيوج پيدا ڪندڙ سائيٽ، ڪيترين ئي هٿيارٺاهيندڙ فيڪٽرين ۽ ڪيترن ئي ڊرونن کي نشانو بڻائڻ جون دعوائون شامل آهن. ايراني خابرو ايجنسي مهر نيوز مطابق، اسرائيلي حڪومت اربع ڏينهن تهران ۾ هلال احمر سوسائٽي جي هيڊڪوارٽر جي ڀرسان هڪ عمارت تي بمباري ڪئي. تازو حملي ۾ صهيوني دشمن ايران جي راڄڌاني ۾ هلال احمر جي صدر دفتر جي ويجهو عمارت کي نشانو بڻايو. ٽائيمز آف اسرائيل مطابق، اسرائيل جي دفاع واري وزير يويف گالانٽ چيو آهي ته تهران ۾ ايران جي اندرين سلامتي جي هيڊڪوارٽر تي حملو ڪيو ويو آهي. ايراني خابرو ويب سائيٽن موجب، اسرائيل امام حسين يونيورسٽي تي به حملو ڪيو آهي، جيڪا پاسداران انقلاب سان لاڳاپيل آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب، 50 کان وڌيڪ جنگي جهازن انهن حملي ۾ حصو ورتو، جن ۾ ايران جي يورينيم رچائيندڙ سائيٽ ۽ ڪيترين هٿيار ساز فيڪٽرين تي حملا شامل هئا. ايران جي وزارتِ مواصلات تصديق ڪئي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ عارضي طور بند ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها بندش دشمن جي خطري سبب ڪئي وئي آهي. وزارت الزام هنيو ته اسرائيل قومي مواصلاتي نيٽ ورڪ کي فوجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، پر اندروني مواصلاتي نظام ۽ پليٽ فارم اڃا به پهچ ۾ آهن. اقوام متحده ۾ ايران جي سفارتي مشن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڪوبه ايراني عهديدار وائٽ هائوس جي دروازي جي ڀرسان به وڃڻ نٿو چاهي. آمريڪي رسالي وال اسٽريٽ جرنل جي هڪ رپورٽ موجب، جيتوڻيڪ اسرائيل ايران جي فوجي ڍانچي تي وڏن حملن ۾ ڪاميابيءَ جا دعويٰ ڪري رهيو آهي پر سندس ڏورانهين هدفن کي روڪڻ واري دفاعي نظام تي انتهائي دٻاءُ وڌي چڪو آهي. رپورٽ ۾ آمريڪي انٽيليجنس سان لاڳاپيل هڪ سينيئر آفيسر جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته اسرائيل وٽ موجود ميزائل روڪڻ وارا انٽرسپٽرز (دفاعي ميزائل) تيزيءَ سان گهٽجي رهيا آهن اها صورتحال اسرائيل جي دفاعي نظام جي پايداري تي سوال اٿاري رهي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جو بچاءُ ناڪام ٿي ويو آهي، اڄ به پيغام آهي ته غير مشروط طور هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏين. واشنگٽن ۾ هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ ايران ڳالهائڻ چاهي رهيو آهي پر ٻن هفتن اڳ ڇو ڳالهه نه ڪئي؟ ايران بابت هاڻي گهڻي دير ٿي چڪي آهي، ان کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ايران وارا وائٽ هائوس اچڻ چاهين ٿا، پر هڪ هفتو اڳ ۽ هاڻ ۾ گهڻو فرق آهي، ايران کي ڪيترائي ڀيرا جوهري معاهدي جو چيو ويو، ايران لاءِ اڄ به پيغام آهي ته غير مشروط سرنڊر ڪري ڇڏي. ٽرمپ چيو ته ايران جو دفاع ناڪام ٿي ويو آهي، ان وٽ فضائي دفاع موجود ناهي، اهو هاڻ مشڪل ۾ آهي ۽ اڳتي وڌيڪ مشڪل پيش ايندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايران 40 سالن کان آمريڪا مرده باد، اسرائيل مرده باد چئي رهيو آهي، ايندڙ هفتو اهم آهي، ٿي سگهي ٿو ان کان اڳ وڏي ڪارروائي ٿئي.روس ۽ يوڪرين جي جنگ بابت هن چيو ته جيڪڏهن جنگ جي وقت ۾ هو صدر هجي ها ته اها جنگ نه ٿئي ها. هن چيو ته مون پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ روڪائي، پاڪستاني ماڻهو تمام سٺا آهن. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي آمريڪي صدر طرفان سرينڊر ڪرڻ جي بيان کي رد ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ايران ڪڏهن سرينڊر نه ڪندو، نه ئي صيهوني رياست تي رحم ڪيو ويندو، جڏهن ته آمريڪا جي ڪنهن به فوجي ڪارروائي جا سنگين ۽ ازالي نه ٿيڻ جوڳا نتيجا هوندا. سياڻا ماڻهو جيڪي ايران، ايراني قوم ۽ ان جي تاريخ کي ڄاڻين ٿا، اهي هن قوم سان ڪڏهن ڌمڪي واري لهجي ۾ نه ڳالهائيندا.هن اسرائيل خلاف حملا تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسرائيل ايران تي حملو ڪري سنگين غلطي ڪئي آهي، جنهن جي ان کي سزا ملندي، ايراني عوام پنهنجي شهيدن جي رت ۽ پنهنجي سرزمين تي ٿيندڙ حملي کي ڪڏهن نه وساريندو.