ذاتي منصوبن لاءِ وفاق کي بليڪ ميل ڪريو ٿا، ڪراچي کي ڪجهه نه ٿا ڏيو: ايم ڪيو ايم

ڪراچي(خداڏنو شاهه) سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ان وقت دلچسپ رخ اختيار ڪري ويو، جڏهن پ پ جي ميمبر راجا رزاق بلوچ پنهنجي تقرير دوران شاعراڻو رنگ ڀريو، هن سنڌي ٻوليءَ ۾ نانگ بابت هڪ شعر پڙهيو، جنهن تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کلي پيو ۽ راجا رزاق بلوچ کي درخواست ڪئي ته هو وري شعر پڙهي، جنهن تي راجا رزاق ٻيهر ساڳيو شعر پڙهيو، ان موقعي تي ايوان ۾ دلچسپ صورتحال تڏهن پيدا ٿي، جڏهن اپوزيشن راجا رزاق جي تقرير دوران گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو، ايم ڪيو ايم جي ميمبر علي خورشيدي مزاحيا انداز ۾ چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجو نانگ زبردستي وڻائڻ چاهي پئي، اهڙن لفظن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ان تي پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ وراڻيو ته ايوان ۾ ٻئي پاسي جا ميمبر شاعري ڪندا رهن ٿا، اسان جي ميمبر نانگ جو ذڪر ڪيو ته چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک اچي ويو، هن اپوزيشن کي چيو ته جيڪڏهن شعر نٿو وڻي، ته خاموش ٿي وڃو، ڊپٽي اسپيڪر به چيو ته اپوزيشن هر تقرير ۾ شعر پڙهندي آهي، جيڪڏهن ڪو شعر نٿو وڻي ته ان کي پنهنجي مٿان لاڳو نه ڪريو، ايوان ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن پ پ ميمبر بهادر خان ڏاهري پنهنجي تقرير شاعريءَ سان شروع ڪئي، جنهن تي تحريڪ انصاف جا ميمبر احتجاج ڪندي اٿي بيٺا، ان هنگامي واري ماحول کي شرجيل ميمڻ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڀالي ورتو ۽ مزاحيه انداز ۾ چيائين ته، اسپيڪر صاحب، قيدي نمبر اٺ سئو چار وارا لفظ حذف ڪريو، پر چار سئو ويهه وارا لفظ رهڻ ڏيو، ايون ۾ هڪ پاسي سنجيده تقريرون ٿي رهيون هيون ته ٻي پاسي طنز، مزاح ۽ شاعريءَ ماحول کي هلڪو ڦلڪو ۽ دلچسپ بڻائي ڇڏيو، راجا رزاق بلوچ تقرير دوران ايم ڪيو ايم جي طرف اشارو ڪندي چيو ته اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ هو گهٽجي رهيا آهن، تعليم اسان نه پر اوهان کسي، اوهان ٻارن جي هٿ مان قلم کسي ورتو. جڏهن اسان ڪن ڪٽيءَ جو ذڪر ڪيون ٿا ته ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان انهن جي اڳواڻ جي ڳالهه پيا ڪيون، جيڪڏهن اڄ جيالو ميئر بڻجي ويو آهي ته ڪجهه ماڻهن کي تڪليف ٿي رهي آهي، جيڪڏهن اوهان جو ميئر نه آيو ته ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل ميمبر سڪندر خاتون خطاب ڪندي چيو ته شاهه فيصل ڪالونيءَ ۾ ٽرانسپورٽ نه هجڻ جي برابر آهي، رڳو آر 2 بس هلندي آهي، تعليم لاءِ وڏي بجيٽ رکي وڃي ٿي پر اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون نه آهن، امن امان جي بجيٽ ۾ ڏهه سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، ايم ڪيو ايم جي عامر صديقي چيو ته پيپلز پارٽي اسان جي ٻارن کان اسڪول ۽ ڪتاب کسي ورتا آهن، ڪراچي شهر کي مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي، اوهان پنهنجي ذاتي منصوبن لاءِ وفاق کي بليڪ ميل ڪريو ٿا، پر ڪراچي کي ڪجهه به نه مليو آهي، لياريءَ ۾ وڏي رقم خرچ ٿيڻ جو دعويٰ ڪئي وڃي ٿي، پر هڪ به مڪمل منصوبي جو مثال نٿو ملي، ڪراچي جي 20 ارب رپين جي اسڪيم مان گهڻيون ملير لاءِ رکيل آهن، ڇا جوهر، سينٽرل يا پي آءِ بي ۾ ماڻهو نه رهن ٿا؟ ريڊ لائين منصوبي لاءِ مڪمل بجيٽ رکيل ناهي، ان جو مطلب ته اهو منصوبو هن سال به مڪمل نه ٿيندو، اجلاس دوران ڊاڪٽر بهادر ڏاهري شرجيل انعام ميمڻ جي چيئگم چٻائڻ جي نشاندهي ڪندي چيو ته هو سٺو انسان ۽ دوست آهي، پر اسيمبليءَ جي قاعدن موجب چيئنگم چٻائڻ جي اجازت نه آهي. جنهن تي ايوان ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ۽ صوبائي وزير چيئگم ريڙهي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.