ايران ۾ اسلامي حڪومت ختم ٿيڻ واري آهي: رضا پهلوي

واشنگٽن(م ڊ) ايران جي اڳوڻي بادشاهه محمد رضا پهلوي جي پٽ ۽ اڳوڻي ولي عهد رضا پهلوي ايران ۾ حڪومتي تبديليءَ کان پوءِ جو منصوبو سامهون آندو آهي.رضا پهلوي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران هاڻي هڪ فيصلاڪن مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جتي موجوده سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پنهنجو ڪنٽرول وڃائي چڪو آهي ۽ اسلامي جمهوري نظام جي پڄاڻي ويجهو اچي چڪي آهي.رضا پهلوي مطابق، آيت الله خامنه اي جي بعد هڪ 100 ڏينهن واري عبوري حڪومت قائم ڪئي ويندي، جيڪا تبديليءَ جو رستو هموار ڪندي،هن چيو ته ايراني عوام اسلامي جمهوريه ايران جي ڊهڻ کانپوءِ جي دور جي باري ۾ ڳڻتي نه ڪن،اسان وٽ ايران جي مستقبل لاءِ منصوبو موجود آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.