اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو آهي ته زراعت تي ٽئڪس نه لڳڻ ڏينداسين. وفاقي ڪابينا کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان جي زراعت هن وقت سخت دٻاءُ ۾ آهي، تنهن ڪري زراعت تي ٽئڪس نه لڳندو، ۽ آءِ ايم ايف به پاڪستان جي انهيءَ ڳالهه کي مڃي ورتو آهي.ٻئي پاسي، وزيراعظم شهباز شريف اسرائيلي حملي کي پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ايران جي خلاف کليل جارحيت قرار ڏنو آهي. هن چيو ته ايران تي اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ سوين ايراني شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن، پاڪستان هر سطح تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته پهرين ڏينهن ئي هن ايراني صدر کي فون ڪري پاڪستان جي طرفان همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ۽ چيو ته عالمي برادري کي جنگ روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي لاءِ ڪوششون ڪن هن وڌيڪ چيو ته اڄڪلهه جيڪا صورتحال علائقي ۾ ايران ۽ اسرائيل جي حوالي سان آهي، اها انتهائي افسوسناڪ آهي، ۽ پاڪستان ان جي مذمت ڪئي آهي، ڇو ته اسرائيل اسان جي ڀرپاسي برادر ملڪ ايران خلاف کليل جارحيت ڪئي آهي. هن وڌيڪ اميد ظاهر ڪئي ته اميد ڪريون ٿا ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جلد کان جلد امن قائم ٿي وڃي، ڇو ته اها صورتحال نه رڳو علائقي لاءِ پر پوري دنيا لاءِ به خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي.