اسلام آباد (بيورو/م ڊ) وفاقي حڪومت سولر پئنل تي لاڳو سيلز ٽيڪس گهٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سولر پينل تي بجيٽ ۾ لاڳو 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس گهٽائي 10 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو.هن چيو ته حڪومت ڪجهه بجيٽ تجويزن تي نظرثاني ڪئي آهي، بجيٽ تي اتحادين سان مشاورت جاري آهي، ڊجيٽل سروسز تي سيلز ٽيڪس صوبن جو حق آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ رکيل رقم 2 ارب 60 ڪروڙن مان وڌائي 4 ارب 60 ڪروڙ ڪري رهيا آهيون.