پنجاب چولستان سميت ڪئنالن لاءِ بجيٽ رکي سنڌ تي حملو ڪيو:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن ۽ سنڌو درياه تي نون ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف ملڪ گير جلسي عام ۽ سنڌو درياهه جي وڪيل عظيم انقلابي اڳواڻ رسول بخش پليجي جي ستين ورسي جون تياريون تيزي سان جاري آهن، مڪلي، ٺٽي ۽ ٻين شهرن ۾ وال چاڪنگ سميت جهنڊا ۽ بينر لڳائڻ وارو ڪم هلندڙ آهي، جلسي عام ۾ شرڪت لاءِ دعوتون ڏيڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي،  ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ پاران دعوتون ڏيڻ جو به سلسلو جاري آهي،ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته پنجاب تڪراري چولستان، چوبارا ۽ جلالپور ڪئنالن لاءِ بجيٽ رکي سنڌ مٿان حملو ڪيو آهي، پيپلز پارٽي حڪمرانن جي ويساهه گهاتي سبب پنجاب ڪئنالن لاءِ بجيٽ رکي آهي، مراد علي شاهه سميت بلاول ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جا بيان ڪوڙ ۽ ڊرامو هئا. هنن چيو ته عوامي تحريڪ پهرين ڏينهن کان چيو آهي ته پيپلز پارٽي وارا ڪوڙو ڊرامو رچائي رهيا آهن، نون ڪئنالن جي تلوار سنڌ مٿان لٽڪيل آهي، سي سي آءِ مان ڪئنالن کي رد ڪرائڻ وارو پي پي حڪمرانن جو ڊرامو عوام اڳيان پڌرو ٿي چڪو آهي، پيپلز پارٽي وارن ڪئنالن ۽ ڊيمن لاءِ بجيٽ مختص ڪرائي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، سنڌو درياهه تي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف پيپلز پارٽي هڪ اکر ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. پيپلز پارٽي وارا بلاول کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ سنڌ جو سودو ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.