39 ڪلوميٽر ڪاٺوڙ کان ڪورنگي ڪراسسنگ ڄام صادق پُل تائين تعمير ٿيل ملير ايڪسپريس جو افتتاح ٻن حصن ۾ ٿيو آهي. پراجيڪٽ جي ٽوٽل ڪاسٽ 55 ارب جي آهي. جنهن ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت سنڌ سرڪار 32 ارب روپيا خرچ ڪري هن روڊ کي تعمير کي هيل تائين پورو ڪيو آهي. ڪوبه پراجيڪٽ ٺهي پورو ٿيو آهي ته ان جي ساراهه ڪرڻ گهرجي ڀلي ڳالهه ته ڪجهه نه ڪجهه فائدو ته ٿيندوهڪ ڌار موقف اهو به آهي ته سنڌ ۾ هاڻوڪي قائم سرڪار مسلسل ٻن ڏهاڪن ۽ چوٿون ڀيرو حڪمراني پوري ڪرڻ طرف وڃي رهي آهي. ڪيترن سالن کان ترقي جي نالي ۾ روڊ انفراسٽرڪچر تي تمام گهڻو زور ڏيندي رهي آهي سنڌ ۾ هن سال به ڊولپمينٽ بجيٽ هڪ هزار ارب کان وڌيڪ رکي آهي.ملير ايڪسپريس وي تي چڙهڻ ۽ لهڻ جا پيسا آهن ان جو فائدو به گهڻي ڀاڱي هڪ خاص طبقي کي ٿيندو. ڪراچي جي ڊولپمينٽ جي ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته ڪراچي کان ٻاهر موٽر وي يا نيشنل هاءِ وي ته جيڪي به رهائشي اسڪيمون ٺهيون آهن انهن کي آباد مڪمل آباد ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ به اڄ سال 2025ع ۾ ٽي ڏهاڪا ٻيا لڳندا.
ملير ايڪسپريس وي جي ٺهڻ کانپوءِ شايد اهڙين رهائشي اسڪيمن کي آباد ٿيڻ ۾ من ڪا تڪڙ ٿئي.
دنيا ۾ ٽرانسپورٽ جي وزارت جو مطلب رُڳو ٽرانسپورٽ جي وزارت ناهي هوندو جيڪو پاڻ وٽ ڪيترين صوبائي سرڪارن ائين سمجهو آهي. نه ته ريلوي به ٽرانسپورٽ جو ئي حصو آهي جنهن سان پاڻ واريون صوبائي سرڪارون لاتعلق بڻيل آهن. اها ڳالهه ان لاءِ ڪريون ٿا ته سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمن اليڪشن 2024ع کان اها ڳالهه منشور ۾ چئي هئي ته اسان ڪراچي کان سکر تائين بُلٽ ٽرين هلائينداسون جيڪا بُلٽ ٽرين ممبئي مهاراشتر کان گانڌي نگر گجرات تائين هلي ٿي.دنيا ۾ صوبائي سرڪارون سرڪاري سطح تي Sea Travel يا Navigation Travel به ٿئي ٿو.
پر اسان وٽ روڊ ٽرانسپورٽ ۽ روڊن جي تعمير سان ئي ڪم هلي پئي.
سنڌ ۾ انگريز بهادر 1860ع کانپوءِ هڪ بهترين ريل نظام ڏنو هو جنهن نشان اڄ به موجود آهن ڪجهه انفراسٽرڪچر به آهي. جيڪڏهن ڪنهن به فرد کي سکر کان جيڪب آباد وڃڻو هجي ته ماڻهو بحفاظت وفاق پاران هليل ريل جعفر ايڪسپريس ۾ سفر ڪندا آهن. ريل ۾ سيڪيورٽي هوندي آهي ايئرڪنڊيشن آهي دير سوير پهچائي به اٿي ۽ سوڙهه به ڪونه ٿي ٿئي.جيڪڏهن ڪراچي يا حيدرآباد سفر ڪرڻو هجي تڏهن به معياري ۽ ايئرڪنڊيشن وارو سفر ريل جو ئي ملي ٿو.اهو ته ڪراچي حيدرآباد واري روٽ تي اوهانکي ريل آهي ته ٺيڪ جن پاسن ڏانهن ريل نه آهي اتي ماڻهن کي جيڪا تڪليف آهي ان جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي.
مثال طور اوهانکي ڪراچي يا حيدرآباد بدين وڃڻو هجي ته اوهان ڪيئن سفر ڪندا. بدين کان کان حيدرآباد ۽ بدين کان ڪراچي يا ڪراچي کان مٺي يا ننگرپارڪ وڃڻو هجي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ وڃڻو هجي ته اوهان سان تمام گهڻي خراب حالت ٿي ويندي.ميرپورخاص کان حيدرآباد ۽ حيدرآباد کان ڇور زيروپوائنٽ تائين پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ نه ٿو وڃي سگهجي ان پاسي عوام جي اصرار تي هڪ ريل هلي ٿي جنهن جو نالو ماروي ايڪسپريس آهي مون پاڻ ان ريل کي حيدرآباد کان ڪراچي هلندي ڏٺو آهي حيدرآباد مان وڃڻ وقت تمام گهڻو رش هجي ٿو ۽ ريل جو ڪرائو سستو هئڻ ڪري به ان ٽرين تي تمام گهڻي رش رهي ٿي مون يوٽيوبرس جون وڊيوز به ڏٺيون آهن جنهن ۾ ٽرين مختلف ننڍين وڏن ريلوي اسٽيشنن کان ٿي پهچي ٿي.
مون کي اهو ڏسي ڏُک ٿيو ته انهن ريلوي اسٽيشنن تي پليٽ فارم تائين ڪونه هئا ته عام غريب ٿر جون عورتون انتهائي تڪليف واري حالت ۾ ان ٽرين ۾ چڙهڻ جي ڪوشش ڪن پيون.سنڌ سرڪار ڪوششون وٺي ته اهي ريلوي پليٽ فارم سٺي نموني تعمير ٿي سگهن ٿا پر ٿين وفاق ۾ پپلزپارٽي جو سٺو شيئر آهي بدين جي ٽريڪ جي مرمت ڪري 100 جي اسپِيڊ في ڪلاڪ جي حساب سان آڻين ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهن ضلعن ٿيڻ لائق شهرن جي ڪاروبار ۽ عام ماڻهن کي بهترين فائدو ٿي سگهي ٿو.بدين مان ريل هلڻ سان تلهار ، ماتلي ،ٽنڊو غلام حيدر،ٽنڊو محمدخان کٿڙ شهرن کي بهترين فائدو ٿي سگهي ٿو پر اها ريل به سالن کان بند آهي.ساڳي ريت ميرپورخاص کان نئين ڪوٽ تائين ريلوي ٽريڪ وڇائيل آهي جيڪو ميٽرگيج هو ۽ بعد ۾ براڊ گيج نه ٿيڻ ڏنو ويو.جنهن سان مرچ ۽ ٻين ڪيترن ڪاروبارن کي تمام گهڻو نقصان پهتو ۽ عوام کان سک واري سواري کسي وئي ساڳي ريت لاڙڪاڻي کان جعفر آباد بلوچستان تائين ريل ٽريڪ وڇائيل هو جيڪو پڻ اڄ تائين بند آهي.
ريلوي اسٽيشنون گند جو ڍير بڻجي چڪيون آهن مثال طور شهدادڪوٽ ،قمبر ڳڙهي خيرو جون ريل اسٽيشنون برباد ۽ ويران ٿي ختم ٿينديون ٿيون وڃن اسان جو سرڪارون سمورو پيسو روڊ ٽرانسپورٽ تي ضايع ڪري رهيون آهن.خود لاڙڪاڻي شڪارپور دادو ريلوي ٽريڪ ايم ايل 2 تي ريل ته هلي ٿي پر تمام آهستي هلي ٿي ريل جي اسپيڊ 50 في ڪلاڪ جو آهي ريل کي ڪراچي کان لآڙڪاڻي پهچڻ ۾ به 12 ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا سنڌ سرڪار چاهي ته ان ريلوي ٽريڪ کي Adopt ڪري لکين غريب ماڻهن جي زندگي ۾ هڪ بهترين تبديلي آڻي سگهي ٿي.
اسان وٽ جيڪب آباد کان ڪشمور جي تائين ريلوي ٽريڪ تي هڪ ٽرين خوشحال خٽڪ ايڪسپريس هاڻي شروع ٿي آهي جيڪا پڻ 50 کان وڌيڪ اسپيڊ کان مٿي ڪونه هلي.ان ريل ٽريڪ کي سنڌ سرڪار نئون ڪرائي پسينجر ٽرين ۽ گڊز ٽرين ۽ مال گاڏيون هلائي سگهي ٿي پر سنڌ سرڪار عام ماڻهن کي انهي سطح تي سهولتون ڏيڻ ڪونه ٿي چاهي ڪشمور کان شڪارپور تائين عام ماڻهو ٺيڪ نموني سفر نه ٿو ڪري سگهي ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهي.ان ريلوي ٽريڪ جي حالت بهتر ڪري ان ٽريڪ تي جيڪب آباد کان وايا ٺل ڪشمور تائين سيڪيورٽي ۾ سمورو ڏينهن ريل هلائي سگهجي ٿي.
ريلوي جي آفيسرن جو چوڻ آهي ته سکر ڊويزين جيڪا سکر کان دادو کان اڳ پيارو ڳوٺ اسٽيشن تائين آهي ريلوي ٽريڪ بهتر نه آهي پر دادو تائين ريلوي ٽريڪ بهترين آهي ته ۽ خود دادو جي چيمبر آف ڪامرس ڪاروباري ماڻهن جو اهو مطالبو رهيو آهي ته ڪراچي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ به ٻه کان ٽي ٽرينون هلايو جيڪي معياري سفر ڏين روڊ محفوظ به نه آهي. ۽ ريل جو سفر آرامده به آهي ته سنڌ سرڪار يا ته وفاق سان ڳالهائي يا پاڻ ان ٽريڪ تي بهترين ٽرينون هلرائي سيوهڻ ريلوي اسٽيشن پاڻ وڏي وزير جو تڪ آهي جتان جو عوام پڻ ان جو فائدو بهترين نموني وٺي سگهي ٿو ساڳي ريت ان مسئلي تي به سنڌ سرڪار خاموشي ۽ لاتعلقي اختيار ڪيون ويٺي آهي.سنڌ سرڪار يا ته وفاق سان ڳالهائي يا سنڌ ۾ بند پيل ريلوي ٽريڪ پنهنجن پيسن سان بحال ڪرائي سگهي ٿي.