ميزائلن کان ڊنل اسرائيلي شهري ٻيڙين ذريعي فرار

تل ابيب  (م ڊ) ايران-اسرائيل جنگ دوران ايراني ميزائل حملا برداشت نه ڪري سگهڻ سبب اسرائيلي شهري سامونڊي رستن ذيعي ملڪ ڇڏڻ لڳا، اسرائيلي اخبار "هارٽز” جي رپورٽ مطابق، فضائي حدون بند ٿيڻ ۽ اڏامن جي معطلي کان پوءِ اسرائيلي شهري ٻيڙين وسيلي ملڪ ڇڏيندي قبرص طرف روانا ٿي رهيا آهن، اخبار مطابق، هيرزليا جو مرينا هاڻ هڪ عارضي ايئرپورٽ جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. اسرائيل ڇڏڻ جا خواهشمند ماڻهو صبح 7 وڳي کان ئي هتي پهچڻ شروع ڪندا آهن، جتي اهي پنهنجي مخصوص ياٽ ڳولين ٿا، جيڪا کين قبرص پهچائيندي اُتان کان اهي دنيا جي ڪنهن به هنڌ روانا ٿي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.