سنڌ اسيمبلي ۾ نون صوبن جي ڳالهه تي گوڙ،17 سالن ۾ ڪهڙو ڪم ٿيو؟ اپوزيشن

ڪراچي(م ڊ) سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي ٻئي ڏينهن به بحث جاري رهيو،سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ واري معاملي تي ايم ڪيو ايم ۽ پ پ آمهون سامهون ٿي ويون،ايوان ۾ گوڙ،ايم ڪيو ايم جي ميمبر ناصر قريشي چيو ته صحت لاءِ رکيل بجيٽ کي ڏسي لڳي ٿو ته حيدرآباد شهر سان ڄڻ دشمني هجي،صدر زرداري کي ڪورونا ٿيو ته ڪراچي اچڻو پيو،ڇا نوابشاهه ۾ اسپتال ناهي جتي علاج ٿي سگهي،هن چيو ته پ پ سرڪار دعويٰ ڪري ٿي ته ڀارت ۽ آمريڪا مان ماڻهو سنڌ ۾ علاج ڪرائڻ اچن ٿا،پوءِ توهان جو ايم پي اي علاج لاءِ ٻاهر ڇو ويو آهي؟ هن چيو ته عوام سول اسپتال ۾ ڌڪا پيو کائي،انجيڪشن به ٻاهران وٺڻي پوي ٿي،گمس ۾ پرڏيهي علاج لاءِ اچن ٿا  ته پنهنجو ايم پي اي ٻاهر علاج لاءِ ڇو موڪليو؟ هن چيو ته حيدرآباد ۾ 17 سالن دوران توهان هڪ به ڊسپينسري نه ٺاهي سگهيا آهيو،هن چيو ته اسان جي هر دل عزيز صدر آصف علي زرداري جي پنهنجي ضلعي نوابشاهه ۾ 80 سيڪڙو ماڻهو هيپاٽائٽس جا مريض آهن،حيدرآباد ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان فلاءِ اوور توهان 17 سالن  ۾ به مڪمل نه ڪري سگهيا، هن چيو ته اسان جي سعيد غني حيدرآباد ۾ سيوريج ۽ واٽر سپلاءِ لائنون گڏائي هر گهر ۾ پيپسي جا پلانٽ لڳائي ڇڏيا آهن،گهرن ۾ گندو پاڻي اچي رهيو آهي،هن چيو ته اسان جي دعا آهي ته ٻاهريان ڪو اچي سنڌ حڪومت ٺيڪي تي وٺي،حڪمران ٻڌائن ته انهن 17 سالن ۾ سنڌ ۾ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ پ پ ميمبر سعديه جاويد چيو ته لياري جنرل اسپتال جي او پي ڊي 24 ڪلاڪ کليل آهي،آپريشن جي سهولت، آڪسيجن ۽ دوائون موجود آهن،ريحانه لغاري چيو ته ڪراچي سڀني جو شهر آهي، نفرتن جي سياست ختم ٿيڻ گهرجي،متحده ايم پي اي بلقيس مختيار چيو ته گٽر تي ڍڪڻ تي هجڻ ڪري ٻار مرن ٿا،پوري ملڪ ۾ نوان صوبا ٺهڻ گهرجن،آبادي ڪنٽرول ۾ رهندي،هن چيو ته صوبا نٿا ٺاهيو ته ڀلا انتظامي يونٽ ٺاهيو،پ پ جي سڪندر شورو چيو ته ايم ڪيو ايم وارن ٻيهر سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي،سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ بابت بلقيس مختيار جي بيان جي مذمت ڪريون ٿا،ملڪ ٺهيو،ورهاست ٿي پر سنڌ اڃ تائين قائم دائم آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.