ايران جا اسرائيل تي وڌيڪ حملا، ميزائل نه رڪيا ته خامنه اي کي قتل ڪنداسين: ٽرمپ

واشنگٽن/تهران/تل ابيب(م ڊ+ ع آ نيوز) اسرائيلي هوڏ خطي ۾ جنگ کي ڊيگهه ڏئي ڇڏي، حملي ۾ ايراني سينئر ڪمانڊر کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته ايران بنا دير غير مشروط طور هٿيار ڦٽا ڪري معاهدو ڪري. اسرائيل جي حملن جي جواب ۾ ايران هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل تي ميزائل وسايا، تل ابيب ۽  حيفا تي ميزائلن جي برسات لائي ڏني. جڏهن ته اسرائيلي ميڊيا انهن حملن جي تصديق ڪئي آهي. ميزائل حملا ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي شهرن ۾ خطري جا سائرن وڳڻ لڳا. حملن دوران اسرائيل ۾ موجود 100 سالن پراڻو "وزمن انسٽيٽيوٽ آف سائنس” مڪمل طور تباهه ٿي ويو. ايراني فوج جو چوڻ آهي ته انهن حملن ۾ صيهوني رياست خلاف نوان ميزائل استعمال ڪيا ويا آهن ۽ ايران اسرائيل جي طاقت کي ٽوڙڻ لاءِ تيار آهي.ايراني فوج وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهن طرفان سوال ڪيو پيو وڃي ته ايران جا ميزائل ڇو گهٽ ٿي ويا آهن، پر اسان جي ميزائل صلاحيت ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي. اسان جو طريقو آهي ته گهٽ ميزائل فائر ڪري وڏا هدف حاصل ڪجن. ميزائل حملا مرحليوار جاري رهندا. ايراني فوج اهو پڻ چيو ته دشمن جي دفاعي بيٽرين کي به نشانو بڻايو پيو وڃي، جن جي نقصان سان دشمن جي دفاعي صلاحيت ڪمزور ٿيندي. صهيوني اڪثر وقت پناهگاهن ۾ لڪيل هوندا آهن، جنهن ڪري انهن تي نفسياتي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. ان کان اڳ، مقبوضه بيت المقدس تي ٻيهر بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون فائر ڪيا ويا. پاسداران انقلاب موجب، ٽي وي چينل تي حملو ڪندڙ فوجي اڏي، موساد جو آپريشن پلاننگ سينٽر، ۽ ملٽري انٽيليجنس سينٽر کي نشانو بڻايو ويو. حيفا ري فائنري مان پيداوار مڪمل طور بند ٿي وئي، ۽ حملي ۾ 3 ملازم مارجي ويا. ايران طرفان اسرائيل تي سائبر حملو به ڪيو ويو، جنهن دوران اسرائيلي ٽي وي چينل "فورٽين” جي نشريات کي هيڪ ڪيو ويو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران غير مشروط طور هٿيار ڦٽا ڪري، اسان کي خبر آهي ته ايراني سپريم ليڊر ڪٿي لڪيل آهي، هو هڪ آسان هدف آهي پر في الحال کيس مارڻ جو ارادو نٿا رکون. ايران جيڪڏهن ميزائل نه روڪيا ته سپريم ليڊر کي نشانو بڻائينداسين. پنهنجي ٽرٿ سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ ٽرمپ چيو ته اسان اهو نٿا چاهيون ته ميزائل عام شهرين ۽ آمريڪي فوجين تي هلايا وڃن، اسان جو صبر ختم ٿيندو پيو وڃي، ان معاملي تي ڌيان ڏيڻ جي مهرباني! هن چيو ته اسان کي ايران جي فضائن جو مڪمل ڪنٽرول حاصل آهي، ايران وٽ سٺا فضائي ٽريڪر ۽ ٻيو دفاعي سامان موجود هو پر اهي آمريڪي سامان جو مقابلو نٿا ڪري سگهن. عرب ميڊيا مطابق، اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هنن "ختم الانبياء” جي سينٽرل هيڊڪوارٽر جي سربراهه علي شادماني کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي۔ علي شادماني کي جمعي جي ڏينهن غلام علي رشيد جي شهادت کان پوءِ "ختم الانبياء” سينٽرل هيڊڪوارٽر جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو. ايراني ميڊيا مطابق، گذريل ڏينهن ايراني رياستي نشرياتي اداري تي اسرائيلي حملي ۾ ٽي ميڊيا ورڪر شهيد ٿي ويا۔ رپورٽ موجب، شهيد ٿيندڙن ۾ نيما راجپور ۽ معصوميه عظيمي به شامل آهن. ايراني ميڊيا مطابق، نيما راجپور ايراني رياستي نشرياتي اداري ۾ بطور نيوز ايڊيٽر ڪم ڪري رهي هئي، جڏهن ته معصوميه عظيمي چينل جي براڊڪاسٽ سيڪريٽريٽ ۾ ملازمت ڪري رهي هئي. ايران اسرائيل تي نئون حملو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جتي ايراني فورسز پاران اسرائيل جي اهم ۽ اسٽريٽجڪ هدفن تي ڪيترائي بيليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن. ايراني ميڊيا موجب هن حملي ۾ مختلف قسمن جا ميزائل ۽ ڊرون استعمال ڪيا پيا وڃن. ايراني خبرون ڏيندڙ اداري مطابق پاسداران انقلاب جي ايرو اسپيس فورس طرفان ڊرون ۽ ميزائلن جي نئين لهر شروع ٿي آهي، جنهن ۾ اسرائيل جي اندر اهم هدفن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. پاسداران انقلاب طرفان اسرائيل جي اهم ۽ اسٽريٽجڪ هدفن تي ڪيترائي بيليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن. ايران جي طرفان لڳاتار ميزائل حملا ٿيڻ سبب اسرائيل جو ميزائل دفاعي نظام سخت دٻاءُ هيٺ اچي ويو آهي. اسرائيلي ميڊيا مطابق، غزه مان فائر ٿيندڙ راڪيٽن جي مقابلي ۾ ايراني جديد ميزائلن کي روڪڻ اسرائيلي فضائي دفاعي نظام لاءِ وڏو امتحان بڻجي ويو آهي.ايراني ميزائلن کي مڪمل طور روڪڻ ۾ ناڪامي سبب نه فقط دفاعي نظام جي ڪارڪردگي تي سوال اٿيا آهن، پر ان جي لڳاتار استعمال سبب خرچن ۾ به واڌ ٿي رهي آهي. اسرائيلي ميڊيا مطابق، سومر رات ايران جي طرفان جيڪو ميزائل حملو ڪيو ويو، ان کي روڪڻ تي لڳ ڀڳ 287 ملين ڊالر خرچ ٿين ٿا. ايراني ميزائلن کي روڪڻ لاءِ عام طور اسرائيلي ٺاهيل "ايرو-3” ۽ آمريڪي ٺاهيل "ٿاڊ” نظام استعمال ڪيا وڃن ٿا. "ايرو-3” نظام 90 سيڪڙو هدفن کي تباهه ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته "ٿاڊ” صرف 40 سيڪڙو تائين موثر آهي. ٻئي طرف، ايراني ميزائل حملن کان تنگ اچي، ڪيترائي اسرائيلي شهري سمنڊ ذريعي ملڪ ڇڏڻ لڳا آهن. اسرائيلي اخبار "هارٽز” جي رپورٽ مطابق، فضائي حدود بند ٿيڻ ۽ پروازن جي معطلي بعد اسرائيلي شهري ٻيڙين ذريعي ملڪ ڇڏيندي قبرص وڃي رهيا آهن. هوڏانهن آمريڪا پنهنجن شهرين کي ايران ۽ عراق جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي پرڏيهي  ترجمان چيو ته وچ اوڀر ۾ آمريڪي شهرين ۽ مفادن جو تحفظ ڪنداسين. هوڏانهن آمريڪا وچ اوڀر ۾ جنگي ٻيڙو لاهي ڇڏيو آهي ۽ چين به پئسفڪ سمنڊ ۾ ٽي ٻيڙا لاهي ڇڏيا آهن. آمريڪي قومي سلامتي اجلاس به ٿيو جنهن ۾ معاملي تي غور ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.