اسلام آباد (م ڊ) ايونِ صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال، بجيٽ ۽ ترقياتي معاملن تي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ۾ اسحاق ڊار، احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ ۽ سليم مانڊوي والا به شريڪ هئا. وزيراعظم، صدر کي يو اي اي دوري ۽ بجيٽ تي آگاهه ڪيو. صدر زور ڀريو ته بجيٽ ۾ عام ماڻهن، پورهيتن، رٽائرڊ ماڻهن ۽ پوئتي پيل طبقن جي ڀلائي کي ترجيح ڏني وڃي. ذريعن موجب، پيپلز پارٽي سکر-حيدرآباد موٽر وي، ڪراچي، حيدرآباد منصوبن ۽ سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ تي خدشا ظاهر ڪيا، بجيٽ تي اعتماد ۾ نه وٺڻ تي احتجاج ڪيو. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته خدشا ختم ڪيا ويندا. ملاقات کي سياسي هم آهنگي ڏانهن قدم قرار ڏنو پيو وڃي.