پاڪستان جي معدنيات ۾ آمريڪا جي دلچسپي

لنڊن(انيق ناجي) ٽرمپ جي بيان تھ ايراني تھران خالي ڪن جو اندازو اھو لڳايو پيو وڃي تھ شايد آمريڪا جنگ ۾ شامل ٿي رھيوآهي پر ٽرمپ جي شخصيت ۾ اھڙي سنجيدگي ناھي جو ھر ڳالھھ جو اھوئي مطلب نڪري جيستائين ايڪشن ٿئي.مارڪ روبيو بھ وضاحت ڪئي آھي تھ ان علائقي ۾ جيڪي اسان جون دفاعي پوزيشنون آھن سي ساڳي ھنڌ تي آھن.حملو نھ ٿا ڪرڻ وڃون. ٽرمپ جو يو ٽرن وٺڻ ڪا خبر ناھي ھوندو.جيستائين آمريڪا سڌي ريت جنگ ۾ نھ ٿو گھڙي تيستائين اھا ڊگھي ھلي سگھي ٿي. ايران وٽ مسئلو اهو آهي ٽيڪنالاجي پراڻي آھي پر جيڪڏھن چين مان دنيا کان لڪي ڪجھھ  وٺي ويا آھن تھ پوءِ سرپرائز اچي سگھي ٿو.باقي تھ سئو ميزائل مان ٽي چار ئي وڃي لڳن ٿا.اسرائيل لاءِ اھا صورتحال خراب آھي جو جيترو خوف پکڙبو ايترو نيتن ياھو مٿان دٻاءٌ ايندو. ٻئي پاسي جنرل عاصم منير آمريڪا ۾ آھي ساڻس گڏ محسن نقوي بھ آھي، آمريڪا پاڪستان جي معدنيات  جي پويان چريو لڳو پيو آھي جو چين چيو آھي تھ اسان آمريڪا کي صرف اھي معدنيات وڪرو ڪنداسين جيڪي سويلين قسم جا ھوندا نھ ڪي اھي جيڪي دفاعي ساز سامان لاءِ استعمال ٿين تنھن جي ڪري آمريڪا پاڪستان  ۾ دلچسپي وٺي رھيوآھي.جن علائقن ۾ اھي موجود آھن اتي امن امان جي صورتحال خراب آهي.سو آمريڪا کي پاڪستان اندر اھڙي حڪومت کپي جيڪا انتھائي سگھاري ھجي .چين کي بلوچستان اندر اھو امن نھ ملي سگھيو.ٻيو ڪرپٽو ڪرنسي ٽيون دھشتگردي خلاف ويڙھھ اھي ٽئي اھم موضوع آھن جيڪي ھن وقت آمريڪا پاڪستان وچ ۾ بحث هيٺ اچن ٿا.ٻي پاسي اھو بھ اندازو لڳايو پيو وڃي تھ محسن نقوي کي آمريڪي عھديدارن سان متعارف ڪرايو پيو وڃي جو کيس مستقبل ۾ وزيراعظم بڻايو ويندو. ٻئي پاسي اگر چين بھ ايران واري ويڙھ ۾ ڪنھن ريت شامل ٿئي ٿو تھ پوءِ پاڪستان تي بھ اثر پوندو.چين ۽ آمريڪا جي ويڙھھ ۾ پاڪستان ۽ افغانستان بچي نھ ٿا سگھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.