قمبر (ڊ ر) قمبر جي کبڙ ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ جو واقعو، جوابدار محبوب مگسي بندوق مان فائرنگ ڪري عبدالغفار چانڊيو ۽ سيما مگسي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو. پوليس ٻنهي جا لاش اسپتال منتقل ڪري ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. ايس ايڇ او موجب، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ جلد قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.