ارڙهين ترميم بعد وفاق وٽ بچيل وزارتون صوبن حوالي ڪيون وڃن:ايمل ولي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر ايمل ولي خان سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي سياسي قيدي سمجهيو پيو وڃي ته پوءِ  کيس فوراً آزاد ڪيو وڃي، جنهن جماعت ”وٽ کي عزت ڏيو“ جو نعرو لڳايو، ان ئي جماعت آئين جي لتاڙ ڪئي، جڏهن ته ارڙهين آئين ترميم آئين جو مستقل ۽ بنيادي حصو آهي، ۽ ڪو به سياسي اڳواڻ ان تي عمل ڪرڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهي. هن گهر ڪئي ته اهي سڀ وزارتون جيڪي ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبي حوالي ٿيڻيون هيون، سي فوراً ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته جڏهن حڪومت وٽ علمي ادارا يا علاج جا مرڪز ٺاهڻ لاءِ وسيلا نه آهن ته پوءِ وفاقي تعليم ۽ صحت جون وزارتون رکڻ جو ڪو جواز ناهي،ايمل ولي خان چيو ته وفاقي حڪومت وٽ رڳو پنج وزارتون هجڻ گهرجن: بچاءُ، پرڏيهي لاڳاپا، داخلا، خزانو ۽ قانون و پارلياماني مامرا. هن چيو ته جيڪڏهن وفاق انهن پنجن وزارتن کان اڳتي وڌي اختيار پاڻ وٽ رکندو ته اها آئين پاڪستان جي ڀڃڪڙي ٿيندي. هن چيو ته سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جو وڏو حصو اهو مطالبو ڪري رهيو آهي ته صوبن کي سندن آئين موجب حق ڏنا وڃن ۽ وسيلن سميت سڀ اختيار صوبي حوالي ڪيا وڃن. ان سان گڏوگڏ هڪ مضبوط مڪاني نظام آڻڻ گهرجي، جنهن جا اختيار سڌو سنئون پاڙي ۽ گهٽي جي سطح تائين منتقل ڪيا وڃن.هن حڪومت جي خرچن تي به تنقيد ڪندي چيو ته سرڪاري ادارن لاءِ اربين رپين جون گاڏيون خريد ڪيون وڃن ٿيون، انهن جي سار سنڀال تي الڳ خرچ ٿئي ٿو، ۽ آفيسرن جي شاهانه زندگيءَ به خزاني تي بار وڌو آهي. هن مطالبو ڪيو ته اهي سڀ خرچ ختم ڪيا وڃن،ايمل ولي خان چيو ته سپريم ڪورٽ وٽ انهن ماڻهن جي فهرست موجود آهي جن جا قرض معاف ڪرايا ويا، تنهن ڪري قانون مطابق انهن سڀني کان قرض واپس ورتو وڃي. هن ٽول پلازائن جي وڌندڙ ڄار تي تنقيد ڪندي چيو ته هاڻ لڳي ٿو ته اسين رستن تي نه، پر ٽول پلازائن جي وچ ۾ سفر ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته لاهور جو هڪ موٽر وي ٽول پلازا به پورو ملڪ هلائڻ لاءِ ڪافي ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ان جي آمدنيءَ جو شفاف احتساب ڪيو وڃي،ٽول مد ۾ وصول ٿيندڙ اربين رپيا ڪيڏانهن ٿا وڃن؟هن چيو ته پاڪستان تقريرن سان نه، پر عملي سڌارن ۽ احتساب سان بچي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.