بيجنگ(عوامي آواز نيوز)دنيا ۾ آمريڪا جي گهٽ ٿيندڙ بالادستي ۽ بين الاقوامي سياست ۾ ان جي زوال جي تناظر ۾ چين هڪ اهڙو پيغام جاري ڪيو آهي، جنهن واشنگٽن کان يورپ تائين سياسي حلقن ۾ ڌماڪو ڪري ڇڏيو آهي. چين جي صدر شي جن پنگ جي سرڪاري ڪمنٽري اڪائونٽ تان جاري ڪيل هڪ غير معمولي پيغام ۾ آمريڪا کي خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا دنيا جي عزت وڃائي چڪو آهي، ته هاڻ اهو ساڳيو سبق سکندو، جيڪو هر زوال پذير سلطنت دير سان سکيو، ۽ اهو اهو آهي ته دنيا ڪنهن لاءِ نه رڪجندي آهي، پر هميشه اڳتي وڌندي رهي ٿي.چين جي صدر جي پيغام ۾ تاريخ جا اهي ورق ورقائيا ويا آهن، جتي طاقتور سلطنتون پاڻ کي هميشه لاءِ زنده سمجهنديون هيون، پر وقت جي وهڪري انهن جي عظمت کي به مٽيءَ ۾ ملايو. پيغام ۾ سنسني خيز جملي ذريعي چيو ويو آهي ته سلطنتون جبر سان نه، پر وقار، انصاف ۽ عوام جي حمايت سان قائم ٿين ٿيون،هن چيو ته دنيا آمريڪا کان بغير به اڳتي وڌي سگهي ٿي،آمريڪا سبق سکي، ٻئي پاسي چين جي پرڏيهي ترجمان آمريڪا تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار تي تيلُ هاري رهيو آهي، جيڪو خطي جي امن لاءِ انتهائي خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿو.هن چيو ته وچ اوڀر۾ امن ڌمڪين سان نه، پر سفارتي طريقن سان ئي قائم ٿي سگهي ٿو. بيجنگ چين خطي ۾ تڪرار گهٽائڻ لاءِ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.