ايران اسرائيل جنگ سان پاڪستان جو به نقصان ٿيندو:عائشه صديقه

نيويارڪ(رضا رومي)ناليواري ليکڪه ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو آهي ته ايران اسرائيل جنگ سان پاڪستان ۾  به نقصان ٿيندو،پاڪستان ۾ 20 يا 21 سيڪڙو اهل تشيع جي آبادي آهي،فرقيوار وڳوڙ ٿي سگهن ٿا، هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته ان جنگ جا وچ اوڀر سميت پوري عرب دنيا تي اثر پوندا،هن چيو ته عرب دنيا کي هن وقت ايراني حڪومت سان مسئلا آهن پر اهي ايران کي ايئن شڪست کائيندي ڏسي به نٿا سگهن،جيڪڏهن ايران ۾ رجيم چينج ٿئي ٿي ته ٻين ملڪن جي حڪمرانن لاءِ به اهو فائديمند نه ٿيندو،ايران ۾ اولهه جي پسند واري حڪومت اچي به وئي تڏهن به عرب دنيا  لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا،پاڪستان به اها ڳالهه قبول نه ڪندو،هن چيو ته مشرف دور ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون هيون،خورشيد قصوري کي ترڪي ۾ ڳالهين لاءِ موڪليو ويو هو،هن چيو ته نام نهاد کاٻي ڌر وارن جي پروپيگنڊا اجائي آهي،ايراني بلوچن ڪڏهن ايران کان الڳ ٿيڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي،اهي چون ٿا ته اسان سان برابري وارو سلوڪ ڪيو وڃي،هن چيو ته ملا رجيم ايران ۾ ماڻهن تي ظلم به ڪيو آهي،عورتن تي پابنديون آهن،سيستان صوبي ۾ ديوبند وارن جي تحريڪ هلي پئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.