ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ جي مرتب گل محمد گاد جي سار لهڻ جو سوال

تحرير: ذوالفقار راڄپر

 جڏهن اڃان پاڪستان نه ٺهيو هو ۽ سنڌو درياءَ مٿان پنجاب جا وڏا حملا شروع نه ٿيا هئا نه ئي پنجابي سول ۽ فوجي آفيسر شاهي سنڌين جي صلاح کان بغير سنڌ طاس معاهدو ڪري سنڌ جي پاڻيءَ ۾ حصي وارا ٽي درياءَ ڀارت کي وڪرو نه ڪيا هئا، سنڌوءَ مٿان ڊيم ٺاهي نون ڊيمن ذريعي سنڌ سڪائڻ جي سازشن جا ڄار نه وڇايا ويا هئا، تڏهن ملڪ جي وجود کان اڳ سنڌودرياءَ جي موج مستين ۾ جيڪي ٻارڙا درياءَ جي تار ۽ ڪچي ۾ انهن جي آمد تي کيڏندي، ترندي وڏا ٿيا، انهن ٻالڪن ۾ هڪڙو نينگر درياءَ بادشاهه جي حڪمراني جو اکين ڏٺو شاهد گل محمد گاد به آهي. هن جڏهن زندگيءَ جي طويل ڪشالن کي پار ڪندي 80 سالن کان وڌيڪ ڄمار ۾ بيماري جي بستري تي باقي بچيل ڪمزور سنڌو درياءَ  کي سڪائڻ  ۽ شهيد ڪرڻ لاءِ ميان نواز شريف جي نواز ليگ  سنڌ جي حڪمران پارٽي جي سهڪار سان سنڌوءَ جي قتل جي سازشن خلاف جڏهن سموري سنڌ کي بيدار ٿيندي ڏٺو ۽ جدوجهد  ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي منتظمين جي هٿ مان نڪري  عوامي مزاحمت ۾ تبديل ٿي ويو ته ان سنڌ جي هر مرد، عورت ۽ ٻار کي بي چين ڪري ان جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ بي چين ڪري ڇڏيو.

سڄي سنڌ مان سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ پيدا ٿيل تڙپ لاڙڪاڻي جي قديم تاريخ رکندڙ پاڙي قافلا سراءِ جي هڪ گهر جو به در کڙڪايو، جيڪو در اول ئي ان انتظار ۾ هو ته ڪو ته هجي جيڪو هن جي در جي ڪڙي کي کڙڪائي، گل محمد گاد  پنهنجي بيماري جي بستري تان جسماني ڪمزوري جي باوجود ٽپ ڏئي اٿي ۽ درياءَ جي موجن جي مستيءَ مٿان پنجاب جي حملن جي تياري خلاف هلندڙ جنگ ۾ شامل ٿي پنهنجي هڪ نئين تاريخ مرتب ڪري.، سنڌو جي پڪار  گل محمد گاد جي کٽ تان گذرندي سندس دل ۽ دماغ کي ٻٻرلوءِ پهچڻ لاءِ ايترو ته بي چين ڪيو جو هن پنهنجن گهر ڀاتين جي منع ڪرڻ باوجود ايمبولنس ۾ چڙهي سخت گرمي جي تپش ۾ سنڌو درياءَ سان پنهنجي ننڍپڻ جي محبت جو يقين ڏيارڻ لاءِ درياهه جي بچاءَ لاءِ اعلانيل هڙتال واري ڏينهن پريس ڪلب لاڙڪاڻي آڏو پهچي  احتجاج جي آواز ۾ پنهنجو آواز ملايو . سنڌو درياءَ جي تڙپ رکندڙ گل محمد گاد ولد محمد بچل گاد،  15 آگسٽ 1941ع ۾ عاقل ڳوٺ  وٽان گذرندڙ درياءَ جي پري ڀر ۾ ڪچي جي علائقي ۾ جنم ورتو. هن 1959ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان ڏهين جماعت جو امتحان پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪيو، 1965ع ۾ انٽر ڪامرس جو امتحان ۽ ،1967 ع ۾ بي اي فرسٽ ڪلاس ۾ ، 1971ع ۾ گل محمد گاد سنڌ يونيورسٽي مان لائبريري سائنس ۾ ڊپلوما جو امتحان پاس ڪيو. هن مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد 1961 ۾ ڪوآپريٽو کاتي ۾ 60 روپين جي ماهوار پگهار ۽ 35 روپيا مهانگائي الائونس تي نوڪري حاصل ڪئي، هن شهدادڪوٽ ۾ به ان نوڪري تي ڪم ڪيو پر جڏهن کيس سکر بدلي ڪيو ويو ته هن اها نوڪري ڇڏي ڏني. گل محمد گاد ان کاتي جي ”سنڌ ڪوآپريٽو ٽريننگ انسٽيٽيوٽ“ جي 6 مهينن جي ڪورس ۾ سموري سنڌ ۾ ٽيون نمبر تي امتحان پاس ڪيو. هن 7 جون 1964 ۾ ميونسپل لائبريري جيڪا ان وقت تجر باغ ۾ موجود هئي، ان نوڪريءَ جي ڪري گل محمد گاد تڏهن هڪ نئون موڙ کنيو جڏهن هن ابرهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، رسول بخش پليجو، جي ايم سيد، شيخ اياز، پير علي محمد راشدي، عبدالوحيد ڪٽپر. سميت ڪيترن انقلابي، سنڌ پرست شاعرن، ليکڪن، سياستدانن ۽ شاگرد اڳواڻن سان ڊگهيون ڪچهريون ۽ ملاقاتون ڪيون.. گل محمد گاد جي ان دور جي هڪ جهلڪ 1969ع ۾ ”جشن سنڌ“ لاڙڪاڻو ۾ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ڪتاب ۾ شايع ٿيل هڪ گروپ فوٽو آهي، جنهن ۾ شيخ اياز، رسول بخش پليجو، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا موجود آهن، جنهن ۾ گاد سائين به ان يادگار تصوير ۾ شامل آهي.

گل محمد گاد ميونسپل لائبريري بعد ميونسپل جي هڪ ٻي ذميواري تي مقرر ڪيو ويو، هن ميونسپل جي ٻڌي ۽ ڀلائيءَ لاءِ 1970ع ۾ ميونسپل ايمپلائيز يونين جو بنياد رکيو، 1983ع ۾ ملازمن جي پنهنجي گهر ٺاهڻ لاءِ ميونسپل ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي بنياد تي اتاترڪ ٽاور گندي مشين جي ڀر ۾ خالق ڪالوني جي نالي سان ڪالوني تعمير ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. ماڻهو عام هجي يا خاص، امير هجي يا غريب، پر ان ۾ گڻ ۽ اوگڻ به  هوندا آهن، ڪٿي گڻن جو پلڙو مٿي هوندو آهي ته ڪٿي اوگڻن جو. پر ڪيترائي انسان پنهنجي علم، مشاهدي، تجربي، صحبت، وطن ۽ شهر جي ماحول جي ڀٽين مان گذرندي پنهنجون غلاضتون ساڙي ٻاهر نڪري وري پنهنجو پاڻ سنگ تراش بنجي پنهنجي شخصيت کي تراشيندو آهي، هر هر ٽٽندو ۽ ڊهندو ۽ نئين سر جنم وٺندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته سائين گل محمڊ گاد به ان قدرتي ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهيو هجي، پر هن جي شخصيت ۾ موجود لاتعداد گڻن کيس بلند رکيو آهي.

سمورين ڀلاين ۾ سندس وڏو ڪارنامو  ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ڪتاب مرتب ڪري لاڙڪاڻي جي تاريخ لکڻ ۽ رکڻ جو بنياد وجهڻ آهي  ان ڪري شايد ڪيترن ئي لاڙڪاڻو دشمن ماڻهن هن جي شخصيت سان اختلاف به ڪيا هوندا، پر هن جي زندگيءَ جي تارازي ۾ گڻن جي پلڙي جي هميشه مٿي رهڻ ڪري هن جي شخصيت کي ڪو داغ ڏئي نه سگهيا آهن. گل محمد گاد نوڪري جي عمر پوري ٿيڻ بعد عام روائتي شهري بدران پنهنجون لاڳاپو شعور رکندڙ شهرين ۽ پروگرامن سان جوڙي رکيو آهي. لاڙڪاڻي شهر جي هر ادبي، سياسي ميڙ، محفل ۽ سنگت کي نه وساريو آهي، هن ڪوشش ڪري پنهنجي الاد کي به ڪنهن غلط رستي تي هلڻ کان بچايو آهي. گل محمد گاد جو ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ڪتاب ضيائي جي مارشلا جي دور ۾ مرتب ٿيو، جنهن مان هن فوجي دور ۾ ڦاهي چڙهيل ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي خاندان جي ذڪر کي لاڙڪاڻو جي تاريخ مان خارج ڪرڻ نه ڏنو ۽ هن جي اها به خوشنصيبي آهي ته کيس محمد هاشم ميمڻ جهڙو ڊپٽي ڪمشنر مليو، جنهن ان دور ۾ لاڙڪاڻي ۾ موجود فوجي عملدارن کي سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ فوجي ڪورٽ کولڻ نه ڏني ۽ لائبريري جو تقدس لانگ بوٽن کان بچائي ورتو، گاد صاحب سان ڪتاب مرتب ڪرڻ ۾ کيس ان دور جي ٻين عملدارن پڻ ساڻس سهڪار ڪيو. گل محمد گاد قافلا سراءِ کان وٺي ناليج سينٽر لاهوري محلي (جيڪو هاڻي پوسٽ آفيس لڳ منتقل ٿي ويو آهي)، شاهنواز ڀٽو لائبريري تائين ڪڏهن پنڌ ته ڪڏهن ڪنهنجي سواري تي پهچي ويندو هو، ڪوشش ڪري پنڌ ڪندو هو ۽ ڪو به اهڙو پروگرام نه گسائيندو هو، هو نگار، ائمپائر، رائل سينيما کان وٺي تجر باغ مان غائب ٿيل ڄمون جي وڻن جي خاتمي تائين شهر جي خوبصورت ماضي، حال ۽ ان جي تباهين جو اکين ڏٺو شاهد آهي، بس سائين کان هڪ ڳالهه رهجي وئي ته هن اهو سڀڪجهه پنهنجي لفظن جي لکت ۾ لکي نه سگهيو آهي.

مون کيس ان لاءِ ڪيترا ڀيرا گذارش ڪئي ته جي لکي نه ٿا سگهو ته پنهنجون يادون ٽيپ ڪندا وڃو، گل محمد صاحب ۽ سندس نينگر لطيف گاد جا اهي به ٿورا آهن ته جڏهن منهنجو والد بيمار هو ته ٻئي ڄڻا هن جي طبعيت پڇڻ لاءِ گهر آيا هئا، تنهن وقت منهنجو وڏو ڀاءُ لياقت علي راڄپر به موجود هو، گل محمد گاد هيئنر  ڪافي ڪمزور ۽ بيمار آهي، پر سنڌ جي قومي مسئلن ۽ شهر جي هر حال کان باخبر آهي، ان موقعي تي لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي مختيار علي سمون، سچل ادبي مرڪز سميت شهر جي ٻين ادارن خاص طور ميونسپل ڪارپوريشن جي يونين اڳواڻن طرفان  لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو کي مرتب ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي هر ڪاموري، ليکڪ جي درن ۽ آفيسن ويندڙ گاد صاحب جي زندگيءَ ۾ ئي کيس اعزاز ڏنو وڃي ۽ هن سان خوبصورت شامن ملهائڻ  جو بندوبست ڪيو وڃي، اهڙين شخصيتن کي انهن جي زندگيءَ ۾ ئي ياد رکيو وڃي، لاڙڪاڻو شهر ۾ سام ۽ سرلا، عاشق پهلوان، استاد گلزر علي، ڪليم لاشاري، ممتاز ابڙو، محسن چنو، انور پيرزادو، محمد هاشم ميمڻ،  محمد علي پٺاڻ، منان چانڊيو، ڪيپٽن يوسف شيخ، سائين استاد غلام علي سانگي (جنهن جي ڪمشنر پٽ به شايد کيس وساري ڇڏيو آهي)، واجد ناز، رزاق مهر ۽ ٻين  سڀني کي ياد ڪيو وڃي ۽ شهر جي نئين  نسل کي لاڙڪاڻي جي عاشق گل محمدگاد سان ان جي زندگيءَ ۾ ئي متعارف ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.