اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ اڳواڻ شازيا مري وفاقي بجيٽ تي اظهار خيال ڪندي وفاقي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته پي ڊبليو ڊي جون اسڪيمون سنڌ کي ڇو نه مليون، توهان سنڌ کي پنهنجي ڪالوني سمجهيو آهي، جو توهان جي جڏهن به دل چاهي سنڌ سان زيادتي ڪندا رهو، اسين ڪالوني ناهيون، توهان آئين کي پڙهو، سنڌ هڪ صوبو آهي، توهان پي ڊبليو ڊي جون جيڪي اسڪيمون ڏنيون آهن اهي هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن جون آهن، ٻڌايو ڪڏهن کان صوبي جو ڪم وفاقي وزرارت ڪرڻ شروع ڪيو آهي؟ کيئل داس ڪوهستاني توهان ته سنڌ جا پٽ هجڻ جو حق ادا ڪريو، توهان ايوان ۾ بيهي ان جي مخالفت ڪريو ته آئون مڃان توهان به سنڌ جا پٽ آهيو، هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عوامي رليف جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ اسان کي عوام تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، مزدور، هاري ۽ محنت ڪش مالي خودمختياري جا حقدار آهن پر بجيٽ ۾ انهن جي ضرورتن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو تعين به نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ملازمن کي پگهارن ۾ رڳو ڏهه سيڪڙو واڌ جو لالي پاپ ڏنو ويو آهي، شازيا مري جي تقرير تي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبرن وچ ۾ سخت لفظي جهيڙو ٿيو، شازيا مري چيو ته جيڪڏهن اوهان سنڌ جا پٽ آهيو ته واهن جي معاملي تي اسان سان گڏ بيهو، ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سنڌ کان ڌار نه ٿو ڪري سگهجي، انهن جملن تي ايم ڪيو ايم جا ميمبر احتجاجن بيهي رهيا ۽ ٻنهي پارٽين وچ ۾ لفظي ڇڪتاڻ وڌي وئي، شازيا مري واضح چيو ته ڪراچي سنڌ جو حصو آهي ۽ هميشه رهندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر پارليامينٽ لاءِ 16 ارب رپين جي بجيٽ رکڻ تي سوال اٿاري ڇڏيو ۽ چيو ته ڀارت جي پارليامينٽ اسان کان وڏي آهي، پر انهن جي بجيٽ رڳو ساڍا پنج ارب رپيا آهي، اسان جي قومي اسيمبلي اڌ ڪلاڪ به نه هلي ٿي، ٻڌايو ته ان لاءِ 16 ارب رپين جي بجيٽ ڇو رکي وئي آهي؟ انڪم ٽيڪس سليب ۾ تمام گهڻيون غلطيون آهن، 22 لک رپيا سالياني آمدني تائين ڪو به ٽيڪس لاڳو نه ڪيو وڃي، اسان کي سوچڻو پوندو ته اسين عوام کي ڇا ڏئي رهيا آهيون؟.پي ٽي آءِ ايم اين اي شاهد خٽڪ خطاب ڪندي چيو ته چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جو اتحاد نظرياتي ناهي پر زبردستي جي شادي آهي، ماضيءَ ۾ اهي ٻئي پارٽيون هڪٻئي کي روڊن تي گلهڻ جون ڳالهيون ڪنديون هيون ۽ هاڻ هڪٻئي کي ڀاڪر پائي ويٺل آهن.