نيو يارڪ (م ڊ) نيو يارڪ ٽائيمز جي رپورٽ موجب آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي فيصلائتي فضائي حملي جي ويجهو پهچي ويا آهن. ايران جي فردو جي زير زمين ايٽمي ري ايڪٽر تي 30 هزار پائونڊ وزني بنڪر بسٽر بم سان حملو ڪيو ويندو، آمريڪي صدر ٽرمپ سيچويشن روم الرٽ رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسرائيلي دفاع واري وزير ٻڌايو ته اسرائيل تهران ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 حساس ايٽمي هدف نشانو بڻائيندو. رپورٽ موجب آمريڪا GBU-57 بم استعمال ڪندو، جيڪو B-2 بمبار جهاز ذريعي ئي ڪيرائي سگهجي ٿو. خطو وڏي جنگ جي ڪناري تي آهي.