واشنگٽن(م ڊ) فيیلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارت سان دهشتگردي تي ڳالهه ٿيندي ۽ جلد دنيا ڏسندي ته ڪيئي اهم واقعا پيش ايندا. واشنگٽن ۾ پاڪستانين جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي جنرل عاصم منير چيو ته ڀارت کي واضح ڪيو ويو ته جيڪڏهن پهلگام حملي جا چار الزام پاڪستان تي لڳايا پيا وڃن ته ڀارت جا لکين فوجي جيڪي والاريل ڪشمير ۾ مقرر آهن، اهي ڇا ڪري رهيا هئا؟ 250 ڪلوميٽر پري وڃي، ماڻهو مارڻ ۽ واپس اچڻ لاءِ چار ماڻهو سپر مين ته نه هئا. پهرين حملي کانپوءِ ڀارت هاٽ لائن تي رابطو ڪيو ۽ چيو ته جيڪو ڪرڻو هو، سو ڪري ڇڏيو آهي، صبح 9 وڳي ڳالهه لاءِ تيار آهي. پاڪستان جو جواب هو ته جيڪو ڪرڻو آهي، پاڪستان به ڪندو، پوءِ ڏسنداسين ڳالهه ڪرڻي آهي يا نه.ان دوران عالمي اڳواڻن طرفان به فون آيا ته پاڪستان ڪارروائي کان پاسو ڪري پر پاڪستان دنيا کي ٻڌايو ته ڀارتي جهاز دفاع ۾ ڪيرايا ويا ۽ جواب ڏيڻ ضروري هو. فيلڊ مارشل ٻڌايو ته جڏهن صورتحال تي وزيراعظم سان ڳالهه ٿي ته پڇيائين ته ڇا جنگ وڏي جنگ ۾ بدلجي سگهي ٿي؟ جواب مليو ته امڪان آهن. شهباز شريف بنا ڪنهن هٻڪ جي چيو ته بسم الله ڪريو. ڀارت جو نظام هيڪ ڪيو ويو، بجلي بند ڪئي وئي، ڊيمن جا اسپِل وي کوليا ويا، بي جي پي جي ويب سائيٽ تي پاڪستاني جهنڊا لڳايا ويا، ڊرونز گجرات ۽ دهلي تائين وڃي پهتا. جنرل عاصم منير چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ 13 ڀيرا ڪشمير تي ڳالهه ڪئي، جلد دنيا ڏسندي ته ڪيئي اهم تبديليون اينديون. ڀارت 1971 جهڙي دهشتگردي ورجائي رهيو آهي. آمريڪا ۽ ڀارت دهشتگردي جي معاملي تي هڪ صفحي تي نه آهن. ايندڙ 5 سالن ۾ پاڪستان تيزيءَ سان ترقي ڪندو، ۽ 2047 تائين جي-10 ملڪن ۾ شامل ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان، ڪرپٽو ڪائونسل ۽ آمريڪن ڪرپٽو ڪائونسل سان معاهدو ڪندو. آرٽيفيشل انٽيليجنس لاءِ ڊيٽا سينٽرز کوليا ويندا. فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان جي فوج جي اصل طاقت عوام آهي.