حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي احتساب عدالت جي جج نسيم جلال سومرو جي عدالت ۾ موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس جي ريفرنس نمبر ھڪ ۾ نيب پاران 12 جوابدار تي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي رپورٽ پيش ڪئي، نوشهروفيروز جي 2 اڳوڻن مختيارڪارن، تپيدارن ۽ ڊي سي آفيس جي اڪائونٽ سميت 8 جوابدارن پنھنجي وڪيل نعيم سھتو معرفت 265 ڪي جون درخواستون داخل ڪرايون جن تي دليل پڻ ڏنا، عدالت نيب ريفرنس ھڪ 2023 ۾ نامزد 42 جوابدارن ۾ 12 ڄڻن تي ڪرپشن جو ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي 265 ڪي جي درخواستن تي دليل ٻڌڻ بعد جوابدارن جا نالا ڪيس مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڪيس مان نالا ٿيلن ۾ محرابپور جو اڳوڻو مختيارڪار شفيق احمد سومرو، ڀريا جو اڳوڻو مختيارڪار نياز علي اڄڻ، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز جو پرسنل سيڪريٽري عبدالعزيز انصاري، سينئر ڪلارڪ عبدالغفار ڏيپر ۽ 2 اڳوڻا تپيدار غلام حقاني سھتو، تنوير علي ملاح، اڳوڻو اڪائونٽ ڪلارڪ رستم کوسو، پرائيويٽ ٺيڪيدار خالد مسعود چنا، اڳوڻو سوشل ويلفيئر آفيسر سجاد احمد ميمڻ ۽ 2 اسٽامپ وينڊر آفتاب احمد سومرو ۽ سراج احمد ميمڻ، نوٽري پبلڪ عبدالغفار مري سميت 12 ڄڻا ميگا ڪرپشن ڪيس جي ريفرنس نمبر ھڪ مان بري ٿي ويا، ياد رھي ته حيدرآباد سکر ايم 6 موٽروي ڪرپشن ڪيس ۾ ملوث مٽياري جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر عدنان رشيد، اسسٽنٽ ڪمشنر، سنڌ بينڪ جي مئنيجر تابش علي شاهه، معشوق چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن پلي بارگين پڻ ڪئي، حيدرآباد، مٽياري، نوشهروفيروز ٽو سکر موٽروي جي تعمير ۽ زمين جي خريداري لاءِ اربين روپين کان وڌيڪ رقم ۾ ڪرپشن ڪئي وئي، 2023 ۾ نيب پاران ريفرنس نمبر ھڪ ۾ 42 جوابدارن کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو هو، عدالت ڪيس ۾ 12 جوابدارن جا نالا خارج ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 30 ڄڻن کي نامزد ڪيو آھي.