بجيٽ عوام دوست ناهي، وزير هڪ ڏينهن مزدور سان گڏ گذاري ته ڏسي: سينيٽ ۾ تقريرون

اسلام آباد( م ڊ) سينيٽ ۾ بجيٽ اجلاس دوران حڪومت ۽ اپوزيشن جي ميمبرن جي بي ڌياني چٽيءَ طرح سامهون اچي وئي، سينيٽ اجلاس ۾ بجيٽ بابت بحث ۽ سفارشن جو عمل جاري رهيو  پر ايوان ۾ رڳو پنج ميمبر موجود هئا،  حڪومتي بينچن تي صرف ٽي ۽ اپوزيشن بينچن تي ٻه سينيٽر موجود هئا. اجلاس ۾ هڪ به وفاقي وزير شريڪ نه ٿيو، جڏهن ته اپوزيشن ليڊر سميت وڏين سياسي پارٽين جا اڳواڻ غائب رهيا، اجلاس دوران سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، مولانا فضل الرحمان جي فرزند کي هٿياربند ماڻهن پاران روڪڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مولانا هميشه رياست ۽ قومي مفاد جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي، اهڙا واقعا قومي اتحاد کي نقصان پهچائين ٿا، هن فائلر ۽ نان فائلر جي فرق کي ڪافر ۽ مسلمان جي فرق سان ڀيٽ ڏني، سينيٽر محسن عزيز بجيٽ تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ٻن سياسي جماعتن گذريل چاليهن سالن تائين حڪومت ڪئي، ۽ هاڻ پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي ساڍن ٽن سالن جو ذڪر ڪن ٿيون، هن دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ ايڪسپورٽ تاريخي سطح تي پهتي ۽ ڊالر جو اگهه 170 رپيا هو، پر موجوده حڪومت رجسٽرڊ ٽيڪس ڏيندڙن جو گلو گهٽي ڇڏيو آهي.سينيٽر محسن عزيز صحت ۽ تعليم جي شعبن کي نظرانداز ڪرڻ تي به سخت تنقيد ڪئي.پيپلز پارٽي جي سينيٽر وقار مهدي چيو ته بجيٽ عوام دوست ناهي ۽ هن ناڻي واري وفاقي وزير کي دعوت ڏني ته هو هڪ ڏينهن مزدور سان گڏ گذاري ڏسي، سينيٽر عامر ولي الدين چشتي ايف بي آر کي ملندڙ اضافي اختيارن تي سوال اٿاريندي چيو ته ان جو سڀ کان وڏو بار ڪراچي تي پوندو، سينيٽر ضمير حسين گهمرو چيو ته وفاق وٽ وڌيڪ بجيٽ موجود آهي، پر صوبن سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويو آهي. هن وزارتِ هائوسنگ اينڊ ورڪس کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ خيبرپختونخوا کي هائيڊل منافع ڏيڻ جي صلاح ڏني، ايمل ولي خان چيو ته پاڪستان پنهنجي معاشي خودمختياري وڃائي چڪو آهي ۽ بجيٽ ۾ عوام جو ڪو به خيال نٿو رکيو ويو. هن بجيٽ 60 سيڪڙو پاڪستانين کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، جڏهن ته وزيرن جون پگهارون 600 سيڪڙو وڌايون ويون آهن. وزيراعظم کي به شايد هن واڌاري جو علم ناهي.سينيٽر عون عباس بپي، چيو ته هارين ۽ عوام سان ناانصافي ٿي رهي آهي، 40 لک ٽن ڪڻڪ واه واه ڪري رهي آهي. زراعت جي شرحِ واڌ 0.6 سيڪڙو هجڻ شرمناڪ ڳالهه آهي، هن سکر-حيدرآباد موٽروي لاءِ رکيل 15 ارب رپين کي مذاق قرار ڏنو، جي يو آءِ جي سينيٽر عبدالشڪور مطالبو ڪيو ته عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رقم ڏيڻ بدران کين آسان روزگار فراهم ڪيو وڃي، هن سولر پينلز تي ٽيڪس کي عوام دشمن قدم قرار ڏنو، عبدالشڪور، ايوان مان غير حاضر سينيٽرز تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايوان ۾ نه اچن ٿا ته پوءِ پگهارون به نه وٺن، اجلاس دوران ميمبرن وفاقي وزيرن جي غير حاضري، بجيٽ جي غير منصفاڻي ورڇ، ۽ عوامي مسئلن کان اکٻوٽ ڪرڻ تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي، اجلاس جو ماحول غير رسمي ۽ مايوس ڪندڙ رهيو، جنهن بجيٽ جي اهميت تي وڏو سوال اُٿاري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.