شڪارپور(رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور ضلعي اندر رت جي راند بند ٿي نه سگهي، مدئجي لڳ جوڻيجا ڪلهوڙا خوني تڪرار تان 4 ڄڻا قتل ٿي ويا، مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوڻيجا ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ تي ڪاھه ڪري جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا موقعي تي مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ اعتبار ڪلهوڙو، معشوق ڪلهوڙو، رياض ڪلهوڙو ۽ اظھر ڪلهوڙو شامل آهن، چئن ڄڻن جي قتل بعد ڌرين ۾ ڇتي ويڙهه ٿي وئي، علائقي جنگ جو ميدان بڻجي ويو، رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا، پوليس نه پهتي، جنهن ڪري لاش رات دير تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا، جڏهن ته فائرنگ جو سلسلو هلندڙ هو ، جنهنڪري وڌيڪ خونريزي جو خدشو آهي، جيھڙيندڙ ڌرين جا هن مهل تائين 29 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.