چين ۽ روس جنگ روڪرائي نه سگهيا ته پوئتي رهجي ويندا: جنرل ريٽائرڊ اعجاز اعواڻ

اسلام آباد (م ڊ) ميجر جنرل رٽائرڊ اعجاز اعواڻ آن لائن انٽرويو ۾ چيو ته اهو اندازو هو ته ايران ڪجهه هفتن ۾ ايٽمي صلاحيت  حاصل ڪرڻ جي ويجهو آهي، ۽ ايٽم بم ٺاهڻ ۾ ڪاميابي جو امڪان وڌي ويو آهي. روس ۽ چين ايران-اسرائيل تڪرار کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ جيڪڏهن ايران معاهدي تي مجبور ٿئي ٿو ته روس ۽ چين خطي ۾ پنهنجو اثر وڃائي سگهن ٿا، جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي بالادستي قائم ٿي سگهي ٿي. اعجاز اعواڻ چيو ته پاڪستان سفارتي سطح تي ايران جي حمايت جاري رکندو، پر فزيڪل مدد يا هٿيار فراهم نه ڪري سگهندو. ڀارت بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان کي واضح نيوڪليئر پاليسي جو اعلان ڪرڻ گهرجي، ته جيڪڏهن ملڪ جي معيشت يا فورسز کي ايتري حد تائين نقصان پهتو جو قومي سلامتي خطري ۾ پئجي وئي، ته پوءِ نيوڪليئر آپشن تي عمل ٿيندو. هن چيو ته ايران ۽ يوڪرين جهڙن ملڪن ۾ دشمن ملڪ طرفان ڪلينگسٽائن آپريشن تحت ميزائل ۽ ڊرون واپار جي اوٽ ۾ ڪنٽينرن ذريعي موڪليا ويا، جتي ايجنٽن جي مدد سان اسمبل ڪري سڌي ريت حملا ڪيا ويا. ان تناظر ۾ پاڪستان جي انٽيليجنس کي 24 ڪلاڪ الرٽ رهڻو پوندو ۽ ڪنٽينر امپورٽ تي سخت نظر رکڻي پوندي.

  • جنگ مخالف جي دعويٰ ڪندڙ ٽرمپ جي بيانن ۾ تضاد

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، پنهنجي پهرين صدارت دوران ڏنل اُن موقف تان يوٽرن وٺي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو  ته وچ اوڀر جي جنگن ۾ ملوث ٿيڻ آمريڪي تاريخ جو بدترين فيصلو هو، ڊونلڊ ٽرمپ 2019ع ۾ پنهنجي صدارت جي دور ۾ چيو هو ته وچ اوڀر جي جنگن ۾ آمريڪا جو ملوث ٿيڻ تاريخ جو سڀ کان خراب فيصلو هو، هن وڌيڪ چيو هو ته انهن جنگن ۾ 80 کرب ڊالر ضايع ٿيا، هزارين آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ انهن ملڪن جي بيشمار ماڻهن جون به جانيون ويون،ٽرمپ اهو به چيو هو ته آمريڪا وسيع پيماني تي تباهي آڻڻ وارن هٿيارن بابت ڪوڙن دعوائن جي بنياد تي جنگ ڪئي.

  • ايران مان پاڪستاني سفارتي عملي جا ڪٽنب ۽ واڌو عملو واپس آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو/م ڊ) پاڪستان ايران ۾ مقرر سفارتڪارن جي گهر ڀاتين ۽ غير ضروري عملي کي ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ورتو. پرڏيهي کاتي جي سينيئر عهديدار  موجب سفارتي عملي جي خاندانن کي ايران مان ڪڍيو پيو وڃي ۽ ڪجهه غير ضروري عملو به واپس گهرائي رهيا آهيون. هن چيو ته تهران ۾ پاڪستاني سفارتخانو ۽ قونصل خانا معمول موجب ڪم ڪندا رهندا ۽ ايران ۾ موجود پاڪستاني مشن فعال رهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.