ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي دل جي بيمارين واري اداري ۾ بي ضابطگين تي خدشا

اسلام آباد(ع آ نيوز) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان ڪراچي جي دل جي بيمارين واري قومي اداري( اين آءِ سي وي ڊي) اربين رپين جي مالي بي ضابطگيون ڄاڻائي ان تي سخت سوال اٿاري ڇڏيا آهن ۽ سنڌ  جي  وڏي وزير کي ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي. اداري جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر صغير جي اڳواڻي ۾ ڄاڻايل ڪرپشن، پسند ناپسند تي ٿيل ڀرتين ۽ دوائن ۽ طبي اوزارن جي شڪي خريداري سبب قومي ناڻي کي کي 40 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان پهتو آهي.ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي قانوني صلاحڪار ايڊووڪيٽ دانيال مظفر پاران سنڌ جي وزيراعليٰ ڏانهن اماڻيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اداري اندر قانون جي ابتڙ ڀرتيون، وڌيڪ پگهارون  ۽ مشڪوڪ ٺيڪيداري معاهدا مالي نقصان جو سبب بڻيا آهن. خط موجب، ڊاڪٽر طاهر صغير مالي سال 2023-24 دوران پنهنجي پسند جي ملازمن کي نوازڻ لاءِ 7.3 ارب رپين جون ناجائز سهولتون ڏنيون، جڏهن ته ٺيڪيدارن کي شڪي ادائگين جي مد ۾ الڳ 74 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ,242023 جي ڊائريڪٽر جنرل آڊٽ سنڌ جي رپورٽ جي بنياد تي ٻڌايو ته اداري ۾ 170 ملين رپين جي غيرقانوني ڀرتين ۾ ڏهه ماڻهن جو ذڪر آهي، جن ۾ ڪاشف، الطاف، متين، سيد فضل عباس، داور حسين، سيد خورشيد حيدر، خليل احمد خان ۽ فيصل عبدالستار شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.