حافظ نعيم پاران پ پ ۽ ن ليگ ۾ بجيٽ اختلاف ”نوراڪشتي“ قرار

لاهور / ڪراچي( پ ر / رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان منصوره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حڪومت تي  تنقيد ڪئي ۽ چيو ته رات جي اونداهي ۾ پيٽرول جا اگهه وڌايا ويا آهن، جڏهن ته عالمي اگهن تي ليوي ختم ڪرڻ گهرجي، غريب طبقي کان 500 ارب رپيا ورتا ويا جڏهن ته جاگيردارن کان صرف 4 کان 5 ارب رپيا ئي وصول ڪيا ويا، هن مختلف حڪومتن کي نوراڪشتي جو الزام ڏيندي چيو ته وفاق ۽ پنجاب ۾ هڪ ئي خاندان جي حڪومت آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ اتحادي پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آهي، ٻي پاسي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان ادارو نور حق ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي دهشتگردي بيهڪ جاري آهي ۽ آمريڪا ان جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، اسلامي امتون گڏجي اسرائيلي جارحيت خلاف بيهڪ اختيار ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.