سينيٽ ڪميٽي پاران سولر پينلز تان سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سولر پينلز جي درآمد تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي آهي، ڪالهه ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سليم مانڊوي والا  جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سولر پينلز جي درآمد تي لاڳو 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز منظور ڪئي وئي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ايئرڪرافٽ جي درآمد تي سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز به منظور ڪئي وئي، ڪميٽي ننڍي گاڏي تي سيلز ٽيڪس 12.5 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز پڻ منظور ڪري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.