راولپنڊي(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان عالمي حالتن جي ڪري احتجاجي تحريڪ ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.عمران خان سان سندس ڀيڻ نورين نيازي ۽ عظميٰ خان اڊياله جيل ۾ ملاقات ڪئي. جيل جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نورين نيازي چيو ته باني پي ٽي آءِ عالمي حالتن جي ڪري احتجاجي تحريڪ ملتوي ڪئي آهي. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ کي عالمي حالتن بابت ڄاڻ هئي ۽ هن چيو آهي ته پاڪستان کي هن وقت اتحاد جي ضرورت آهي. عمران خان جي ڀيڻ عظميٰ خان چيو ته باني پي ٽي آءِ جو اسرائيل بابت موقف سڄي دنيا کي خبر آهي.
-
ايران ۽ اسرائيل تڪرار سبب عالمي سطح تي ڳڻتي وڌي وئي
تهران(م ڊ) ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ تڪرار سبب عالمي سطح تي ڳڻتي وڌي وئي آهي، چين پنهنجي شهرين کي فوري طور تي اسرائيل ڇڏڻ جي هدايت ڏني آهي، پولينڊ واپسي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته برطانيا پنهنجي شهرين کي اسرائيل ۾ سفارتخاني سان رجسٽريشن ۽ نيڪالي جي تياري جي هدايت جاري ڪئي آهي، آمريڪا به پنهنجن شهرين کي اسرائيل سفر کان روڪيو آهي، روس به اسرائيل ۾ موجود پنهنجي شهرين کي فورن نڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، فرانس سميت ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي شهرين کي اسرائيل ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ايران جي جبلن ۾ لڪل نيوڪليئر سهولت آمريڪا جي نشاني تي آهي: ڪامران خان
اسلام آباد( م ڊ) سينيئر صحافي ۽ اينڪرپرسن ڪامران خان موجوده عالمي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ويڙهه هاڻ فيصلائتي مرحلي تي پهچي وئي آهي، جتي تهران
جون نيوڪليئر سهولتون ۽ علائقائي امن ٻنهي کي خطرو لاحق آهي. اسرائيلي حملن جي تسلسل، آمريڪي دٻاءُ ۽ عالمي سفارتي هلچلن جي پس منظر ۾ ايران اڳيان هاڻ رڳو ٻه واٽون بچن ٿيون، يا ته هو پنهنجي نيوڪليئر پروگرام جي مڪمل بندش تي راضي ٿئي، يا وري مڪمل تباهيءَ لاءِ تيار ٿئي، ايتري تائين جو آمريڪا اڃا تائين سفارتڪاري ۽ فوجي طاقت ٻنهي جا آپشن کليل رکيا آهن، سعودي عرب، قطر ۽ عمان جهڙا خليجي ملڪ جنگ بنديءَ لاءِ سرگرم ٿي چڪا آهن ۽ ايران کي ترت جنگ روڪڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳل آهن. نيويارڪ ٽائمز موجب جيڪڏهن صدر ٽرمپ ايران خلاف فوجي ڪاروائيءَ جو فيصلو ڪندا ته آمريڪا ۽ ايران سڌي ويڙهه ۾ داخل ٿي سگهن ٿا، جنهن جا اثر پوري دنيا تي پوندا.