برسلز (م ڊ) پاڪستاني سفارتي مشن جي سربراهه ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت جو پاڻي روڪڻ اصل ۾ ايٽمي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ۽ سنڌ طاس معاهديجي کليل ڀڃڪڙي پاڪستان جي ريڊ لائين آهي. اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني سفارتي مشن جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جرمن ٽي وي کي انٽرويو ۾ چيو ته ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺڻو پوندو. هن چيو ته اهو انساني حقن جي خلاف آهي، ان تي عمل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي، رڳو ڌمڪي ڏيڻ به گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته دفاع جو حق پري جي ڳالهه، هي ته اسان جي بقا جو مسئلو آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي نه ڏئي سگهون ته رياست طور اسان جي ذميواري آهي ته مان انهن کي سندن حق ڏياريان، کڻي ان لاءِ جنگ ڇو نه ڪرڻي پوي، پاڻي اسان جي ريڊ لائن آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جا ڪيترائي واقعا آهن جن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت آهن، سڀ کان وڏو ثبوت ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري آهي اسان اهو ناهي چيو ته ان جي ڪري اسان جنگ ڪري رهيا آهيون پر پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ تي عمل ٿيو ته مجبوري ۾ پاڪستان کي جنگ جي ميدان ۾ لهڻو پوندو.