شڪارپور (رپورٽ:ذوالفقار مگسي ) گذريل ڏينهن صبح 4 بجي دادو کان تڏي جي دعا گھري واپس ايندي هٿياربندن بلوچستان واسي 7 ڄڻن کي لاڙڪاڻو روڊ شڪارپور ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪيو ، جن مان پنجن ڄڻن کي ڇڏي باقي ٻن ڄڻن ضمير آصف بهراڻي ۽ عرفان لاشاري کي اغوا ڪري کڻي ويا، مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن طرفان شڪارپور-سکر روڊ جيل چورنگي تي محمد اڪرم بھراڻ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس ڪوڙا دلاسا ڏئي رھي آھي، اسان کي پنھنجا ماڻھو ڌاڙيلن کان بازياب ڪرائي ڏنا وڃن، ٻئي طرف روڊ بند ھجڻ ڪري گاڏين جو قطارون لڳي ويون.