سنڌ ۾ بدامني،ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ جبري گمشدگين خلاف جيئي سنڌ محاذ جا مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي جسم اڳواڻ پرويز سنڌو، نريش بجير، جساف اڳواڻ حيدر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ  منشيات خلاف، کنڀي گم ڪيلقومي ڪارڪنن جي آزادي، معصوم روهيت ڪمار جي قاتلن جي گرفتاري، انيس ٿهيم ۽ پريا ڪماري کي بازيابي، سنڌو درياھه تي پنجاب ۽ سنڌ جي زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ٿيندڙ قبضي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ هڪ منظم سازش تحت سرڪار هٿ سان ڌاڙيل راڄ عام ڪيو آھي، سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري 5 سالن کان وٺي اغوا ٿيل آھي، ان کي بازياب نٿو ڪرايو وڃي، هنن چيو ته معصوم روهيت ڪمار کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، ان جا قاتل گرفتار ناهن ٿيا، انس ٿهيم کي اغوا ڪيو ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين بازياب نه ٿيو آهي، کيس فوري طور تي آزاد ڪرايو وڃي. ٽنڊي الهيار ۾ ضلعي نائب صدر غلام رسول رند جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڀان سيدآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي پريس ترجمان اياز سولنگي ،ياسين چانڊيو ، نجف سولنگي ، غفور بلوچ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب ڀان اڳيان نٺهڻ اس تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت سڄي سنڌ اندر قتل عام شروع ڪيو ويو آهي ، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ ڌاڙيلن کي هٿي ڏيئي روڊن رستن کي مقتل گاه بڻائي اتان جي اصلي رهاڪن ڌرتي ڌڻي هندو برادري لاءِ ڌرتي ٽامو ڪئي وئي آهي، سڪرنڊ ۾ زيب سنڌي ، ظھور جمالي ، صدام ملاح جي اڳواڻي ۾ قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ميرپور ماٿيلي ۾ ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو،ن موقعي تي ڪارڪنن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي سنڌ جي ڌرتي تي قبضو نامنظور”، “گم ٿيل قومي ڪارڪن واپس ڪيو” ۽ “منشيات خلاف جنگ جاري رهندي” جهڙا نعرا لکيل هئا ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جسم مرڪزي اڳواڻ ڪمال مهر نظير شيخ جسقم اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ. مير حسن لاشاري. ايس يو پي اڳواڻ عمر ڀيو. يوسف بوزدار ۽ ٻين خطاب ڪيو،ڪنري ۾ امتياز چانڊيو، نظر ڀٽي، نريش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، وارھ  ۾  ضلعي صدر ڊاڪٽر دريا خان ميرجت جنرل سيڪريٽري عطامحمد گائينچو وسيم مرزاڻي چانڊيو سهيل چانڊيو ۽ سماجي ورڪر جيڪال ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته درياه بچائڻ ۽ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي اهو انساني حقن جي توهين آھي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.