وسيلن جي ڦرلٽ لاءِ سنڌ ۾ بدامني پيدا ڪئي وئي آهي:رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ جي ماڻھن جو ترقي،روزگار، امن امان، بهتر صحت، بهتر تعليم خواب رهيو آھي پر حڪمرانن گذريل 60 سالن کان وٺي هٿرادو طور تي پرامن سنڌ جو امن امان تباهه ڪيو آھي،هن چيو ته پيپلزپارٽي جا 18 سالن جي حڪومتي دور ۾ تعليم، صحت روزگار سنڌ جي ماڻھن لاءِ اڻ لڀ آھي پرامن شھرين کي روڊن رستن تان اغوا ڪيو ٿو وڃي نه رڳو اغوا ڪيو ٿو وڃي پر انهن جا معصوم ٻار کڻي گوليون هڻي قتل ڪيا ٿا وڃن روهيت ڪمار جو قتل ان ڪري ڪيو ويو ته سنڌ جي ماڻھن ۾ خوف پيدا ٿئي ته جيئن ڌاڙيلن کي ڀتو ڏين،هن چيو ته   سنڌ جا ماڻھو پيپلزپارٽي جي اقتدار جو ڀتو ڀرين ٿا منشيات جو نيٽ ورڪ سنڌ ۾ لاٿو ويو آھي هن سڄي ساري حڪومتي راڄ خلاف جيئي سنڌ محاذ طرفان سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو آھي هي احتجاج جو سلسلو جاري ساري رهندو ته درياھ درياھ زمينون وسيلا امن سنڌ کي کپي سنڌ پنهنجي وسيلن پنهنجي دولت سان خوشحال رهڻ گهري ٿي هن چيو ته سنڌ جو هر شھري ۽ ٻچو ٻچو سمجهي ٿو ته امن امان حڪمران پاڻ خراب پيا ڪن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.