راڻيپور واسي 2 نوجوان ڪنڌڪوٽ مان اغوا

راڻيپور(ن ع آ) راڻيپور ڀرسان ڳوٺ قيصر خان شاھاڻي جو رهواسي نوجوان مزمل شاھاڻي جي وارثن ٻڌايو ته مزمل شاهاڻي پنهنجي دوست ماجد پنهيار سان گڏجي فيس بڪ جي دوست پاران مليل شادي جي دعوت  لاءِ ڪنڌڪوٽ  ويل هو ڪنڌ ڪوٽ ۾ هڪ موٽر سائيڪل سوار کين  کڻڻ آيو جنهن جو وڊيو رڪارڊ ڪري مزمل شاھاڻي پنهنجي وال تي رکي ڇڏيو جنهن کانپوء ٻنهي نوجوانن جا نمبر بند ٿي ويا آهن نوجوان مزمل شاھاڻي جي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي چيو آهي ته مزمل شاھاڻي ۽ سندس دوست ماجد پنهيار جو موبائيل نمبر به بند ٿي ويو آهي اسان کي شڪ آهي ته ٻئي نوجوان اغوا ٿي ويا آهن هنن آء جي سنڌ ڊي آئي جي سکر کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ٻنهي نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.