جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مظاهرا

چوھڙجمالي/سجاول/ميرپوربٺورو(نمائندا)جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان سنڌو درياھ تي ڊيمن ۽ ڪئنالن، درياهي پاڻي تي قبضي جي ڪوششن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف چوهڙ جمالي ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، سينيئر وائيس چيئرمين محمد علي خشڪ ۽ ڪامريڊ يوسف ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ شاھبندر موڙ کان مين اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي شھر ۾ گشت ڪندي مين اسٽاپ تي پهتي. ريلي ۾ ڪارڪنن پاران سنڌو خاطر جھيڙو آ، پاڻي خاطر جھيڙو آ، لاڙ جي ساحلي پٽي کي پاڻي ڏيو، ڊيم ۽ ڪئنال نامنظور ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور جي زوردار نعريبازي ڪئي وئي،نواز خان زئور خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت توڙي وفاق وٽ ڇوڙ وارن علائقن ۽ ڊيلٽا جي بحالي لاءِ ڪابه رٿابندي ناهي، انهن وٽ ٻين ڪمن لاءِ فنڊ ضرور آهن، پر ڊيلٽا لاءِ ڪي به فنڊ ناهن. هن سڄي علائقي جي حياتي جو دارومدار سنڌو نديءَ تي آهي، جيڪڏهن سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين پاڻي درياھ ۾ پاڻي نه هوندو ته هي علائقا ايندڙ اڌ صدي اندر سمنڊ هيٺ اچي ويندا. ان موقعي تي محمد علي خشڪ، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، سنڌي ادبي سنگت جي شاھ ڪوي، جيئي سنڌ محاذ جي رحيم بخش جمالي، سرويچ علي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. هوڏانهن ميرپوربٺورو ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان سنڌو درياھ جي پاڻي تي قبضي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف قومي پارٽي جي اڳواڻ مختيار زئور، علي رضا خاصخيلي، نور محمد چانڊيو ۽ دائود زئور جي اڳواڻي ۾ کورواھ اسٽاپ تي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ٻئي طرف سجاول ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان ڊي سي ھائوس کان پريس ڪلب  تائين سنڌو درياھ جي پاڻي تي قبضو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پارٽي اڳواڻ قادر بخش زئور، وقار ميراڻي، سجاد ميراڻي، ناٿو زئور ۽ معشوق زئور جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،اڳواڻن چيو ته سنڌو سنڌ جي ملڪيت آھي. جڏھن کان سنڌو جي پاڻي تي وفاق جو قبضو ٿيو آھي، لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آھي، سنڌ جي زمين تي قبضو قبول نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.