آمريڪا سڌو سنئون اسرائيلي حملن ۾ ملوث آهي، جوابده بڻائڻ گهرجي: ايران

تهران (م ڊ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا اسرائيلي حملن ۾ سڌو سنئون ملوث آهي، ان کي جوابده بڻائڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته ايران وٽ رد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت موجود آهن ته اسرائيل آمريڪي فوج جي مدد سان ايران خلاف فوجي ڪارروايون ڪري رهيو آهي. اهم ڳالهه اها به آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان اسرائيل کي کلي حمايت آهي، آمريڪا اسرائيلي حملن ۾ شريڪ آهي ۽ ان کي جوابده بڻائڻ گهرجي. تهران ۾ پرڏيهي سفيرن سان ملاقات دوران عراقچي واضح ڪيو ته 13 جون کان اسرائيل ايران جي فوجي، شهري ۽ ايٽمي هدفن تي حملو ڪري رهيو آهي، جيڪا عالمي قانون جي ڳنڀير ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته آمريڪي مدد کانسواءِ اسرائيل اهڙي جارحيت جي سگهه نٿو رکي، تنهن ڪري آمريڪا کي نه رڳو پنهنجي پاليسي واضح ڪرڻ گهرجي پر حملن جي مذمت پڻ ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اميد آهي ته واشنگٽن اسرائيل کان پاڻ کي ڌار ڪندو. ايران موجب، اسرائيل جي حملن ۾ ڪيترائي ايراني سائنسدان، فوجي ڪمانڊر ۽ عام شهري مارجي ويا. ان ردعمل طور ايران اسرائيل جي قبضي هيٺ شهرن ۾ فوجي ۽ اقتصادي هدفن تي بيلسٽڪ ميزائلن سان جوابي ڪارروائي ڪئي. عباس عراقچي چيو ته ايران جي ڪارروائي دفاع تي ٻڌل آهي، جيڪو عالمي اصولن تحت جائز آهي. ايران دعويٰ ڪئي ته پهرئين مرحلي ۾ فقط فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو، پر جڏهن اسرائيل ايران جي اقتصادي مرڪزن تي حملو ڪيو ته پوءِ جواب ۾ ايران به اقتصادي هدفن کي نشانو بڻايو، جن ۾ فلسطين ۾ موجود ريفائنري شامل آهي. ايران خبردار ڪيو ته فارسي نار جي حساس علائقي ۾ جنگ جي واڌ خطي لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. عراقچي چيو ته ايران پوري طاقت سان پنهنجو دفاع ڪندو ۽ جيڪڏهن جارحيت بند ٿي ته جواب به بند ٿي ويندو. ايران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي خاموشي تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ڪجهه يورپي ملڪن تي تنقيد ڪئي جيڪي، سندس موجب، انساني حقن ۽ قانون جي دعويٰ باوجود، جارح ملڪ جي مذمت ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن. ايران واضع ڪيو ته اسرائيلي ڪارروائي جو مقصد ايٽمي ڳالهين کي ناڪام بنائڻ آهي، جڏهن ته ايران پنهنجو پرامن ايٽمي پروگرام جاري رکندو ۽ يورينيم کي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ افزوده ڪندو. ٻئي پاسي عراقي وزيراعظم سان فون تي ڳالهائيندي ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ته جيڪڏهن اسرائيلي حملا جاري رهيا ته خطي ۾ ٻيا ملڪ به خطري هيٺ اچي سگهن ٿا. ان حوالي سان هن اسلامي ملڪن کان سخت موقف اختيار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته هي تڪرار شروع ناهي ڪيو پر مضبوطي سان ان جو جواب ڏنو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسرائيلي حملا جاري رهيا ته پوءِ اسرائيل سخت جواب جي اميد رکي.

  1. ايران وٽ اسرائيلي دفاعي نظام کي لتاڙيندڙ ميزائل موجود

تهران(م ڊ) ايران پاران اسرائيل خلاف ڪيئي ميزائل استعمال ڪيا ويا آهن. ايراني خابرو اداري موجب، ايران وٽ 9 قسمن جا ميزائل آهن، جن جي رفتار 6,125 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان 17,151 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين آهي. اهي ميزائل آهن، سجّيل، خيبر، عماد، شهاب-3، غدر، پاوه، فتح-2، خيبر شڪن  ۽ حج قاسم .2. عماد ميزائل 2015ع ۾ متعارف ٿيو، غدر جو جديد، اپگريڊ ورزن آهي. خيبر شڪن ميزائل وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائل آهي.خيبر شڪن-1 ۽ خيبر شڪن-2 بابت ايراني دعويٰ موجب هي ميزائل اسرائيل جي جديد فضائي دفاعي نظام کي لتاڙي سگھي ٿو هن جي حد تقريباً 1,450 ڪلوميٽر آهي. ايران وٽ اسرائيل تائين مار ڪندڙ تمام جديد بيليسٽڪ ميزائلن جو ذخيرو آهي، جن مان غدر، عماد، ۽ خيبر شڪن ٽيڪنيڪي صلاحيتن ۾ خاص اهميت رکن ٿا.

  1. اسرائيل جو گيس ۽ تيل جي لائنن کي نقصان رسڻ جو اعتراف

تل ابيب/تهران (م ڊ) ايران جي ميزائل حملن ۾ اسرائيل جي حيفا شهر ۾ گئس ۽ تيل جي ترسيل واري نظام کي سخت نقصان پهتو آهي، جنهن بعد ڪيترائي ڊائوناسٽريم آپريشن عارضي طور بند ڪيا ويا آهن. اسرائيلي آئل ريفائنري ڪمپني ۽ فوجي ريڊيو به ان جي تصديق ڪندي چيو ته بنيادي ريفائننگ سهولتون هلندڙ آهن، پر ترسيل نظام کي ڌڪ لڳو آهي. ايران ان حملي کي پنهنجي تيل ۽ توانائي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملي جو جائز دفاع قرار ڏنو آهي. هوڏانهن ايران خبردار ڪيو ته جيڪڏهن برطانيا جنگ ۾ شامل ٿيو ته اهو به ايران لاءِ جائز هدف بڻجي سگهي ٿو.

  1. اسرائيل ايران سان ٽياڪڙي لاءِ اولهه کان مدد طلب ڪري ورتي

تل ابيب(م ڊ)اسرائيل، ايران سان ٽياڪڙي لاءِ مغربي ملڪن کان مدد طلب ڪئي آهي.برطانوي اخبار “ٽيليگراف” موجب، اطلاعن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل اولهه جي ٽياڪڙن جي ذريعي ايران سان جنگبندي بابت ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي.

تهران ۾ NBC نيوز سان ڳالهائيندي هڪ سينيئر ايراني ذريعي انڪشاف ڪيو ته اسرائيل ميزائل حملا روڪڻ ۽ جوهري ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.اسرائيلي وزيراعظم جي نمائندي، انهن مبينا ڳجهن ڳالهين بابت ڪو به تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.هي رپورٽ اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، اڄ G7 سربراهي اجلاس لاءِ ڪينيڊا روانو ٿيڻ کان اڳ اسرائيل ۽ ايران تي زور ڀريو آهي ته هو ڪو معاهدو ڪن.

  1. اسرائيل کي ايران ۾ حڪومت جي تبديلي جي اميد

تل ابيب/تهران (بي بي سي) اسرائيلي وزيراعظم جو وڏو مقصد اهو آهي ته تهران ۾ حڪومت تبديل ٿئي، کيس اميد هوندي ته حملن سان رد عمل شروع ٿيندو، بدامني پکڙجندي ۽ ايران ۾ اقتدار جو تختو اونڌو ٿي ويندو. هن هڪ بيان ۾ به چيو هو ته ايراني عوام هاڻي جابر حڪومت کان آزادي لاءِ اٿي بيهي. کوڙ ايراني شهري ناخوش آهن ۽ ايراني قيادت لاءِ خطرو به آهي. اسرائيل اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ايراني حڪومت ڪمزور ٿي سگهي ٿي ۽ بغاوت ٿي سگهي ٿي پر اها هڪ جوا آهي جنهن جا ڪي واضح ثبوت ناهن ته ائين ٿيندو ۽ ٿيو ته ان جا نتيجا ڪهڙا هوندا. سوال اهو به آهي ته متبادل ڪير هوندو؟ مخالف ڌر جون طاقتون ورهين کان ورهايل رهيون آهن، ڪو واضح آپشن ناهي. ڪجهه گروهن يا شخصيتن کي ترجيحي متبادل طور ڏٺو وڃي ٿو جن ۾ اڳوڻو ايران جو ولي عهد رضا پهلوي آهي جنهن تازو اسرائيل جو دورو به ڪيو هو، هو ڪجهه ايرانين ۾ مقبول آهي پر واضح ناهي ته جلد حڪومت جي تبديلي لاءِ طاقت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو يا نه. اهڙا ٻيا گروهه به آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.