ڀارت ۽ اسرائيل پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا: خواجا آصف

اسلام آباد(بيورو/م ڊ) بچاءُ واري وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته ڀارت ۽ اسرائيل جي سڀني سازشن جي باوجود پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ "ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ خواجا آصف چيو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي ذيلي اداري انٽرنيشنل ڪوآپريشن ريويئو گروپ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران چين پاڪستان جي حق ۾ واضح موقف اختيار ڪيو ۽ رليف جي حمايت ڪئي. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته ترڪي به چين جي موقف جي توثيق ڪئي، جڏهن ته جاپان، جيڪو ايشيا پيسيفڪ گروپ جو گڏيل چيئرمين آهي، پاڪستان جي مڪمل حمايت ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن حقيقت پسنديءَ سان جائزو ورتو وڃي ته پاڪستان اڃا تائين ايف اي ٽي ايف جون سڀ ضروري گهرجون پوريون ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري هاڻ ڪنهن به لسٽ ۾ شامل هجڻ جو ڪو به جواز باقي نٿو رهي. ان جي باوجود، پاڪستان لاءِ هي هڪ وڏي ڪاميابي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.