تهران (م ڊ) ايران پاران اسرائيل تي هائيپرسونڪ ميزائلن سان حملا پيا ٿين، ماهرن جي راءِ موجب، اسرائيلي دفاعي نظام (جهڙوڪ آئرن ڊوم، ڊيوڊ سلنگ، يا ايروو سسٽم) هائيپرسونڪ ميزائلن کي تباهه ڪرڻ لاءِ ٺهيل ئي ناهي. هائيپرسونڪ ميزائلن جي خاصيت آهي ته اهي آواز جي رفتار کان 5 کان 10 ڀيرا تيز هجن ٿا.اَڻڄاڻ قابل رستن تي حرڪت ڪن ٿا. دفاعي نظام لاءِ اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل بڻجي وڃي ٿي، ان ڪري ايراني حملا وڏي حد تائين ڪامياب ٿيا آهن،اسرائيل لاءِ خطرو وڌي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس روايتي دفاعي نظام هن قسم جي نئين ٽيڪنالاجيءَ سان نٿو ٺهڪي. ايران ۽ اسرائيل جي موجوده جنگ مستقبل جي جنگن لاءِ هڪ نئون باب کوليو آهي. هاڻ دنيا جا جنگي ڪاليج، ملٽري اڪيڊميون ۽ تحقيقاتي ادارا هن نئين حڪمت عمليءَ کي سالن تائين مختلف زاوين کان سمجهڻ، تجزيو ڪرڻ ۽ ان مان سبق حاصل ڪرڻ لاءِ پڙهائيندا .