نيو يارڪ (م ڊ) آمريڪي اخبار وال اسٽرٽ جرنل انڪشاف ڪيو آهي ته اسرائيلي ايجنسي موساد ڪيترن مهينن تائين سوٽ ڪيسن، ٽرڪن ۽ ڪنٽينرن ذريعي ايران ۾ مسلح ڊرونز جا حصا ۽ هٿيار اسمگل ڪيا.رپورٽ موجب موساد ايجنٽ ايران اندر انهن هٿيارن کي فضائي دفاعي نظامن ۽ ميزائل لانچرن جي ويجهو منتقل ڪري چڪا هئا، جن کي اسرائيلي ايف-35 جي حملي کان اڳ ئي موساد ٽيمن نشانو بڻايو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته اسمگلنگ ڪمرشل چينلن وسيلي ڪئي وئي ۽ گهڻن ڪاروباري ساٿين کي مقصد جي ڄاڻ نه هئي. موساد جي ٽيمن ايران جي ميزائل ٽرڪن کي به تباهه ڪيو. اخبار موجب موساد جي هدفن ۾ ايران جي قيادت کي نشانو بڻائڻ جون ڪوششون به شامل هيون، ۽ ان آپريشن جو مقصد رڳو حملو نه، پر خوف ۽ غيريقيني پيدا ڪرڻ به هو.