واشنگٽن (م ڊ) اسرائيل پاران ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي قتل جي مبينا سازش جو انڪشاف ٿيو آهي، پر ان کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز آمريڪي انتظاميا جي ٻن اهم عهديدارن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي ته اسرائيل ڪجهه ڏينهن اڳ خامنه اي جي قتل جو منصوبو آمريڪا آڏو پيش ڪيو، جنهن کي صدر ٽرمپ ويٽو ڪندي رد ڪري ڇڏيو. رپورٽ مطابق اسرائيلي وزيراعظم طرفان هن معاملي تي سوالن کان پاسو ڪيو ويو. برطانوي ايجنسيءَ موجب، اسرائيلي ڪارروائين جي نتيجي ۾ ايران جي حڪومت به تبديل ٿي سگهي ٿي.