”جنگي جنونيت نامنظور“ڪراچي ۾ ورڪرز سوليڊرٽي فيڊريشن جو احتجاج

ڪراچي (پ   ر) ورڪرز سوليڊرٽي فيڊريشن جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل وليم صادق چيو آھي ته جديد دور ۾ جنگي جنونيت وڌي وڃڻ مان ثابت ٿي ٿو ته موجوده جمھوري نظام مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو آھي ۽ انسانيت جي بقا لاءِ انساني ۽ معاشي برابري واري نظام جي ضرورت آھي جنھن کي موجوده جمھوري نظام جا چيمپين انارڪي سڏي رھيا آھن ،اھڙو اظھار ھن گذريل ڏينھن ڪراچي پريس ڪلب آڏو ورڪرز سوليڊرٽي فيڊريشن ۽ ترڪ اسلحه تحريڪ (Disarmament Movement) پاران جنگين جي خلاف ۽ امن ۽ آزادي جي حمايت ۾ منعقد ڪيل ھڪ احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي ڪيو،ھن چيو ته موجوده جمھوريت دنيا کي درپيش مسئلن لاءِ پرامن نموني حل ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم آھي ۽ ان جو سڄو زور جنگ ۽ تباھي ذريعي ھيسائي ۽ دٻائي معاملا ختم ڪرڻ تي آھي انڪري انارڪزم براه راست جمھوريت تي يقين رکي ٿو جنھن سان ڪنھن به چونڊيل ميمبر کان عوام جنھن وقت چاھي مينڊيٽ واپس وٺي سگھي ٿو،ھن چيو ته دنيا کي ھاڻي انساني برابري ۽ معاشي اشتراڪي نظام اختيار ڪرڻو پوندو جيڪو اڄ کان ٽي سو سال سنڌ جي ھڪ عظيم سپوت شاه عنايت شھيد متعارف ڪرايو ھو، ان کانسواءِ ٻيو ڪو مناسب حل ٿي نه ٿو سگھي، شاه عنايت شھيد سوشلسٽ فورم جي ڪنوينر گل محمد منگي چيو ته روس ،يوڪرين، ايران ، اسرائيل جي جنگين ۽ تازو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ حملن جي نتيجي ۾ ڪنھن به وقت حڪمران طبقا وڏي تباھي ڪري سگھن ٿاـ ھن چيو ته ڀائپي وارو ماحول رڳو شاهه عنايت شھيد جي فلسفي تي عمل ڪندي ڪميون واري زندگي اختيار ڪرڻ سان ئي ممڪن آھي،انجمن ترقي پسند مصنفين جي قائم مقام جنرل سيڪريٽري نعيم شيخ، ورڪرز سوليڊرٽي فيڊريشن جي سرگرم ساٿي الياس حسيني، شھيد نذير عباسي يادگاري ڪميٽي جي چيئرمين قادر اعظم، لياري عوامي محاذ ۽ عوامي حقوق جي اڳواڻ عبدالخالق زدران ايڊوڪيٽ ۽ ٻين چيو ته آمريڪا جي ھشي تي اسرائيل پاران ايران تي حملو دراصل صدر ٽرمپ جي جنگ مخالف ھجڻ وارين دعوائن جي نفي ڪري ٿو ۽ اھا ڳالهھ موجوده سرمائيداراڻي جمھوريت جي ناڪامي کي ظاھر ڪري ٿي ،ھنن چيو ته دنيا ۾ سجاڳي جي نئين  لھر آيل آھي پر حڪمران طبقا گونگا ۽ ٻوڙا آھن ۽ ان کي محسوس ڪرڻ بجاء نفرتن جو ٻج ڇٽڻ چاھين ٿا پر اھو سلسلو جلد ختم ٿيڻ وارو آھي ـ ھنن چيو ته  انساني بقا، ترقي ۽ برابري شاه عنايت شھيد جي فڪر "جيڪو کيڙي سو کائي”  تي عمل ڪرڻ سان ممڪن آھي ـ

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.