اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري بابت ميڊيا رپورٽن تي وضاحت جاري ڪئي آهي ته اڃا تائين وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي وچ ۾ صلاح مشورا جاري آهن، تنهن ڪري پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ ممڪن ناهي. ترجمان موجب، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق، مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هڪ خط ذريعي پارلياماني ڪميٽي جي قيام جو طريقيڪار به واضح ڪيو آهي. اسپيڪر وزيراعظم جي 16 مئي واري خط جو حوالو پڻ ڏنو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن ٻنهي ڌرين جي نالن تي اتفاق نه ٿئي ته معاملو اسپيڪر ڏانهن موٽائيندو. ترجمان چيو ته حڪومت يا مخالف ڌر جي طرفان نالا اچڻ بعد ئي ڪميٽي جوڙي ويندي، ان کان اڳ ڪابه جوڙجڪ قانوني نه ٿيندي. اسپيڪر صرف ان وقت پارلياماني اڳواڻن کان نالا طلب ڪندو جڏهن وزيراعظم رسمي طور درخواست ڏيندو. نالا پارلياماني حيثيت مطابق شامل ڪيا ويندا. مخالف ڌر اڳواڻ طرفان ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، پر عمل ان وقت ئي ممڪن ٿيندو جڏهن صلاح مشوري جو مرحلو مڪمل ٿيندو.
-
تربت ۾ زلزلي جا جهٽڪا، شدت 3.8 رڪارڊ
تربت(م ڊ) تربت ۾ آيل زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪل تي 3.8 ريڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جي زميني کوٽائي 34 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته ان جو مرڪز تربت کان 40 ڪلوميٽر اتر اولهه طرف هو، واضح رهي ته ڪراچي ۾ به پهرين جون کان زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا پيا وڃن، گذريل ڏينهن به لانڍي، قائدآباد ۽ ملير جي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا هئا، جن جي شدت ريڪٽر اسڪل تي 3.2 ريڪارڊ ڪئي وئي هئي.