ايران 3 اسرائيلي جهاز ڪيرائي ڇڏيا، 2 پائليٽ گرفتار

تهران (م ڊ) ايران دعويٰ ڪئي ته هن 3 اسرائيلي جنگي جهاز ڪيرايا ۽ هڪ عورت سميت 2 پائليٽ گرفتار ڪيا. ايران اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته هڪ جهاز ڪيرائي عورت پائليٽ کي گرفتار ڪيو ويو، گذريل ڏينهن ايف 35 جهاز ڪيرائي وڌيڪ هڪ پائليٽ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ  ڪئي وئي. ايراني دفاعي نظام ايراني حدن ۾ جهاز کي ڪيرايو جنهن جو پائليٽ ٻاهر نڪري ويو هو، ان کي به گرفتار ڪيو ويو. ايران بيليسٽڪ ميزائلن سان اسرائيل تي وڏو حملو ڪيو، جنهن بابت فرانس، برطانيا ۽ آمريڪا کي اڳواٽ اطلاع ڏنو ويو. اسرائيلي فوج اعتراف ڪيو ته ايراني حملن ۾ 7 فوجي زخمي ٿيا. اسرائيل ڪمرشل جهازن کي قبرص، يونان ۽ آمريڪا منتقل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.