اسرائيل جي حمايت ڪرڻ تي ايران پاران آمريڪا سان ڳالهيون ملتوي

لنڊن(عوامي آواز نيوز) آمريڪا جي ڀرپور انڪار باوجود ايران کي اهو لڳي ٿو ته آمريڪي فورسز اسرائيل کي شهه ڏني آهي يا گهٽ ۾ گهٽ اسرائيلي حملن جي کليل نموني حمايت ڪئي آهي،ايران وچ اوڀر ۾ آمريڪي  هدفن جهڙوڪ عراق ۾ اسپيشل فورسز جي ڪئمپن،نار ۾ فوجي اڏن ۽ هن خطي ۾ سفارتي مشنز کي نشانو بڻائي سگهي ٿو،ايران جا حمايت يافته گروپ حماس ۽ حزب الله ٿي سگهي ٿو ته گهڻا ڪمزور ٿي ويا هجن پر ايران جي عراق ۾ حمايت يافته مليشيا اڃا به هٿياربند آهي ۽ ڪارروايون ڪري رهي آهي، ايران جي حڪومت ڪيرائڻ جو منصوبو اسرائيلين سميت خطي ۾ ڪجهه ٻين ملڪن کي به شايد سٺو لڳي پر پوءِ اهو منصوبو ڪنهن قسم جو خال ڇڏيندو؟ٻئي پاسي آچر(اڄ)تي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ عمان ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ملتوي ٿي ويون آهن، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ايران جي جوهري پروگرام تي آمريڪا سان ڳالهيون بي معني ٿي ويون،واشنگٽن اسرائيلي جارحيت جي حمايت ڪري رهيو آهي،هن چيو ته اهو حملو واشنگٽن جي اجازت کان بغير ممڪن نه هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.