اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي رابطو ڪري ايران خلاف اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ايران ۽ عوام سان مڪمل ايڪي سان گڏ بيٺو آهي، اسرائيلي جارحيت ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي آهي. وزيراعظم حملن ۾ قيمتي جاني نقصان تي صدر پزشڪيان دان تعزيت ڪئي. هن چيو ته ايران کي گڏيل قومن جي چارٽر تحت دفاع جو حق آهي، اسرائيل جي جارحيت علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ خطرو آهي، وزيراعظم سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ ايران لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم اسرائيل طرفان بهادر فلسطينين جي ظالماڻي نسل ڪشي جي به مذمت ڪئي ۽ چيو ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومون اسرائيل کي غيرقانوني اپائن کان روڪين، پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ايراني صدر مسعود پزشڪيان سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ ايڪي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا، هن اسرائيل سان ڇڪتاڻ تي ايران جي موقف کان آگاهه ڪيو. ايراني صدر اسلامي ملڪن تي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم ۽ صدر مسعود پزشڪيان ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.